پاڪستان بنگلاديشي اسپيڪر اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سان گڏ پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: بنگلاديش جو اسپيڪر حافظ الدين احمد بير بڪرم اعليٰ سطحي پارلياماني وفد سان گڏ پاڪستان پهچي ويو، اهو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
اسلام آباد پهچڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديشي هم منصب ۽ وفد جو پرجوش استقبال ڪيو. انهي موقعي تي پاڪ بنگلاديش پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ڪنوينر ڊاڪٽر شازيه ثوبيه اسلم سومرو به موجود هئي.
انهي موقعي تي سردار اياز صادق چيو ته بنگلاديشي اسپيڪر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن ۾ تاريخي سنگ ميل آهي. بنگلاديش جي ڪنهن اسپيڪر جو پاڪستان جو اهو پهريون دورو آهي. هن چيو ته ٻئي پاڙيسري ملڪ گڏيل تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن ۾ ٻڌل آهن. پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ، ٻطرفه لاڳاپا مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته پارليماني وفد جي ڏي وٺ سان ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. اعليٰ سطحي وفد جي دوري گڏيل تعاون جي نئين باب جي شروعات ڪئي آهي.
بنگلاديشي اسپيڪر حافظ الدين احمد بير بڪرم پرجوش استقبال تي سردار اياز صادق جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان جو دورو انهي جي لاءِ باعث مسرت ۽ اعزاز جوڳو آهي. پاڪستان پهچڻ تي ماضي جون خوشگوار يادون تازيون ٿي ويون آهن.
هن چيو ته پارلياماني رابطه ٻنهي پاڙيسري قوم کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ٻنهي ملڪن جي پارليمانن جي وچ ۾ ويجهي تعاون سان گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. بنگلاديشي اسپيڪر پارلياماني وفد جي ڏي وٺ ۽ اعليٰ سطحي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a8%d9%86%da%af%d9%84%d8%a7%d8%af%d9%8a%d8%b4%d9%8a-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d9%8a%da%aa%d8%b1-%d8%a7%d8%b9%d9%84%d9%8a%d9%b0-%d8%b3%d8%b7%d8%ad%d9%8a-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d9%84%d9%8a%d8%a7%d9%85%d8%a7/






