Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

وزيراعظم پاران وزيرن کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

شيئر ڪريو
وزيراعظم پاران وزيرن کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن پاران تازو ڪيل بيان بازي جو نوٽيس وٺندي ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي هڪ ٻئي خلاف سياسي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم چيو ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي مڪمل طور بند ٿيڻ گهرجي، ڪابينا جي ميمبرن وچ ۾ معاملا افهام تفهيم ۽ اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ گهرجن. وفاقي وزيرن پاران هڪ ٻئي خلاف بيان بازي سان ناڪاري تاثر پيدا ٿئي ٿو.شهباز شريف چيو ته اهڙي بيان بازي سان تعمير ۽ ترقيءَ جي سياست تان ڌيان هٽي وڃي ٿو. وفاقي ڪابينا جا وزير سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري سندن ڌيان عوامي خدمت ۽ تعمير ۽ ترقيءَ تي رهڻ گهرجي، جڏهن ته صوبائي حڪومتن جا نمائندا به بيان بازي کان پاسو ڪن ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه کي هٿي ڏين.وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جو سمورو ڌيان عوامي ڀلائيءَ جي منصوبن تي مرڪوز آهي. حڪومت معاشي استحڪام کان پائيدار معاشي ترقيءَ ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيو پئي اچي. اسان سڀني جو فرض آهي ته سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%87%da%aa-%d9%bb%d8%a6%d9%8a-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d8%a8%d9%8a%d8%a7/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون