Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
شوبز

چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙي 43 ورهيه گذري ويا

شيئر ڪريو
چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي وڇڙي 43 ورهيه گذري ويا

ڪراچي: لازوال اداڪاري ۽ سحرانگيز شخصيت جي مالڪ پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد کي مداحن کان وڇڙئي 43 ورهيه گذري ويا. 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ اداڪار وحيد مراد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم ”اولاد“ ۾ معاون اداڪار طور ڪئي، جڏهن ته هيرو طور سندس پهرين فلم ”هيرا اور پتھر“ هئي، جيڪا ڪامياب ثابت ٿي. فلمي شوقينن کيس چاڪليٽي هيرو جو لقب ڏنو.ان کانپوءِ 1966ع ۾ رليز ٿيل سندس فلم ”ارمان“ باڪس آفيس جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. وحيد مراد اردو سان گڏ پنجابي ۽ پشتو ٻولين جي فلمن سميت 125 فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. هو پاڪستان جو واحد اداڪار هو، جنهن جي فلمن سڀ کان وڌيڪ پلاٽينم، ڊائمنڊ، گولڊن ۽ سلور جوبليون ملهايون. سندس ڪامياب فلمن ۾ ”دل ميرا ڌڙڪن تيري“، ”هيرا اور پتھر“، ”ارمان“، ”عندليب“، ”مستانه ماهي“، ”ديوَر ڀاڀي“ ۽ ”نصيب اپنا اپنا“ سميت ٻيون ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن. وحيد مراد پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جو اهڙو هيرو هو، جنهن جي وارن جي اسٽائل ۽ لباس جي ٻين ماڻهن نقل ڪئي. هن اداڪاريءَ سان گڏ ليکڪ ۽ فلم پروڊيوسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. فني خدمتن جي مڃتا طور وحيد مراد کي نگار ايوارڊ، گريجوئيٽ ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ سميت ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت پاڪستان 2011ع ۾ کيس مرڻ کانپوءِ ستاره امتياز سان نوازيو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%86%d8%a7%da%aa%d9%84%d9%8a%d9%bd%d9%8a-%d9%87%d9%8a%d8%b1%d9%88-%d9%88%d8%ad%d9%8a%d8%af-%d9%85%d8%b1%d8%a7%d8%af-%da%a9%d9%8a-%d9%88%da%87%da%99%d9%8a-43-%d9%88%d8%b1%d9%87%d9%8a%d9%87-%da%af/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون