پاڪستان وزيراعظم طرفان ڪنگ عبدالله فنانشنل ڊسٽرڪٽ تي حوثي حملي جي مذمت، سعودي عرب سان يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سعودي راڄڌاني رياض جي ڪنگ عبدالله فنانشنل ڊسٽرڪٽ ۾ حوثي باغين جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته شهري انفرا اسٽرڪچر ۽ اقتصادي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ برداشت نه ڪرڻ جوڳو عمل آهي.
يمن جي حوثين خميس تي سعودي راڄڌاني رياض جي ڪنگ عبدالله فنانشنل ڊسٽرڪٽ ۾ واقع پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ(پي آئي ايف) ٽاور کي ميزائل حملي ۾ نشانو بنايو هو جنهن سان عمارت جي 7 کان 8 منزلن جون دريون ڀڄي پيون هيون ۽ ويجهن عمارتن کي به نقصان پهتو هو پر انهي حملي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو هو.
ڪنگ عبدالله فنانشنل ڊسٽرڪٽ تي حملي جي مذمت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حوثي حملا علاقائي امن، استحڪام جي لاءِ خطرو آهن هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ انهي جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختاري ۽ علاقائي سالميت جي دفاع جي حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ سعودي عرب جي شهرين ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي تحفظ جي حق کي به مڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت به رياض جي مالياتي ضلعي تي حوثي حملي جي سخت مذمت ڪندي انهي کي سعودي عرب جي خودمختاري جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.
پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته شهري انفراسٽرڪچر ۽ اقتصادي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ سان بي گناهه ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ پونديون آهن ۽ علاقائي امن، سلامتي کي سنگين خطرا پيش ايندا آهن. ياد رهي ته سعودي عرب ۽ يمن جي حوثي باغن جي وچ ۾ هلندڙ ڏينهن ۾ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي. 8 نومبر تي رياض ۾ سعودي تيل ڪمپني آرامڪو جي ملڪيت هڪ عمارت به حوثي حملي ۾ متاثر ٿي هئي جنهن کان پوءِ سعودي اتحاد يمن ۾ حوثين جي ٺڪاڻن ۽ ميزائل، ڊرون ٺڪاڻن جي خلاف ڪارروايون ڪيون.
خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب حوثي باغين رياض تي اڄ به حملا ڪيا آهن جڏهن ته سعودي اتحاد رياض طرفان فائر ڪيل 3 بيلسٽڪ ميزائل فضا ۾ تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d8%b7%d8%b1%d9%81%d8%a7%d9%86-%da%aa%d9%86%da%af-%d8%b9%d8%a8%d8%af%d8%a7%d9%84%d9%84%d9%87-%d9%81%d9%86%d8%a7%d9%86%d8%b4%d9%86%d9%84-%da%8a%d8%b3/






