پاڪستان اسان فوج جي خلاف نه آهيون، فوج اسان جي دفاعي طاقت آهي: مولانا فضل الرحمٰن

پشاور: جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پنهنجي مفادن جي لاءِ تڪرارن جي سياست ڪئي پئي وڃي، اسان فوج جي خلاف نه آهيون، فوج اسان جي دفاعي طاقت آهي، فوج کي دشمن جي مقابلي ۾ طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا، فوج کي پنهنجي مقابلي ۾ طاقتور نٿا ڏسڻ چاهيون.
جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پشاور هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ۾ چيو ته مون کي دعوت ڏيڻ تي مان هاءِ ڪورٽ بار جو ٿورائتو آهيان اهو اجتماع ملڪ جي دانشور ماڻهن جو اجتماع آهي، خواهش آهي ملڪ جي موجوده صورتحال تي ڪجهه سفارشون پيش ڪريان پاڪستان ۾ 3 قسم جا نظريات رکندڙ ماڻهو پاڪستان جي وجود جي تشريح ڪندا آهن، 1973ع تي اسلامي نظرياتي ڪونسل کي جوڙيو ويو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ تائين اسلامي نظرياتي ڪونسل جي ڪنهن هڪ سفارش تي قانونسازي نه ٿي سگهي، اسان جي معيشت ڪٿي بيٺل آهي، اسان جي برآمدات جي پوزيشن ڪٿي آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ اسان جي روپئي جي قدر ڪيتري آهي؟ اڄ مهانگائي جي شرح ڇا آهي؟ پنهنجي خطي جي ملڪن سان ڀيٽ ڪئي وڃي، اڄ اسان ڪٿي بيٺل آهيون؟ انهي جو ذميوار ڪير آهي؟ سياستدانن کي ذميوار چيو ويندو آهي، سياستدان اهڙي گهوڙي تي سوار ڪيا وڃن ٿا جنهن جو ڪنٽرول سياستدان جي هٿ ۾ نه هوندو آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسان جمهوريت جو جيڪو حشر ڪيو آهي انهي سان ڪير آهي جيڪو ملڪي نظام مان مطمئن هجي، اسان ڊگهي وقت کان صوبن جي اختيارن جي جنگ وڙهي آهي، يا ته اسان چئن صوبن کي هڪ صوبو ٺاهيو يا ته هر صوبي جي خبر نه آهي ڪيترا ٽڪڙا ڪري ڇڏيا، هن وقت اهي مطالبا غداري سمجهيا وڃن ٿا اڄ خبر ناهي ته ڪهڙي طرح صوبن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڳالهه آئي، اسان جي صوبي ۾ گورنر راج ۽ ايمرجنسي لڳائي وئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي گورنر راج ۽ ايمرجنسي جي ڪري آهي ته ڇا بلوچستان جون حالتون اهڙيون نه آهن، معدني ذخيرن جي بل کي بلوچستان پاس ڪيو هتي پاس نه ٿيو. بلوچستان ۾ انهي لاءِ گورنر راج نه لڳو، ماضي ۾ اسان چيو فاٽا کي پراڻي حيثيت ۾ رکو يا ڪي پي ۾ ئي رکو. انهي جو فيصلو اتان جا ماڻهو ڪندا. مون کي انهي وقت چيو ويو ته مولانا اوهان مخالفت ڇو ڪري رهيا آهيو، اسان تي آمريڪي دٻاءُ آهي، هاڻ ٻيهر فاٽا کي وفاق جي انتظام هيٺ آندو پيو وڃي.
هن چيو ته مون کي وفاقي وزيرن ٻڌايو آهي، انهن جو خيال هو ته مولانا خوش ٿيندو، هنن کي سڀ معدني ذخيرا فاٽا ۾ نظر آيا آهن انهي لاءِ فاٽا کي وفاق جي انتظام هيٺ ڪيو پيو وڃي. فاٽا ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ وارو نظام واپس آندو پيو وڃي. اسان جي قبائلي علائقن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪرفيو لڳايو ويندو آهي، انهن ٻن ڏينهن ۾ اسان جا قيمتي اثاثا کڻي ويندا آهن، ڇا اڄ ڪوبه دهشتگرد صوبي ۾ نه آهي؟ اتي هاڻ مڪمل امن امان آهي.
هن جو چوڻ هو ته امان امان آهي تڏهن ته اسان جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي، پنهنجن مفادن جي لاءِ تڪراري سياست ڪئي پئي وڃي، اسان صوبن جي حقن جون ڳالهيون ڪندا آهيون، اسان جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جعلي اسيمبليون ٺاهيون پيون وڃن، اسان فوج جي خلاف نه آهيون، اسان جي فوج اسان جي دفاعي طاقت آهي. فوج کي دشمن جي مقابلي ۾ طاقتور ڏسڻ چاهيون ٿا، فوج کي پنهنجي مقابلي ۾ طاقتور نٿا ڏسڻ چاهيون.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت سمورن مسئلن جو حل شفاف چونڊن ۾ آهي. شفاف چونڊون وقت جي ضرورت آهي. هن وقت سمورا مسئلن جو حل شفاف چونڊن ۾ آهي. عمري کان آيس ته پي ٽي آءِ جو وفد مليو، اتان کان پي ٽي آءِ مارچ شروع ٿيو، حڪومت چيو ته اسلام آباد اچڻ نه ڏينداسين، حڪومت مداخلت جو چيو. ڪال آئي ته وزيراعظم ماني تي گهرايو، مون چيو مون سان گڏ منهنجي ٽيم ايندي، اسان وياسين تفصيلي ڳالهيون ٿيون. اسان پي ٽي آءِ جا مطالبا سامهون رکيا انهن جو نڪته نظر به سمجهيو، پي ٽي آءِ کي احوال ٻڌايو انهن چيو اسان جا مطالبا مڃيا وڃن اسان لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏينداسين.
هن چيو ته مان نماز جي وقت ويس، مون کي چيو ويو ته ڪابينه چيو آهي ته هر صورت ۾ گورنر راج لڳائڻ گهرجي، جيڪا ڪابينه ڪاٺين جي سهاري هلي ڇا انهي ۾ همت آهي ته اها اهو جواب ڏئي، اهڙي حڪومت کي ڇا چوان جيڪا ڪمنٽمنٽ جي باوجود ائين ڪري. هينئر تائين موجوده حڪومت جي دهشتگردن بابت ڪهڙي ڪارڪردگي آهي. وزيراعظم اڄ اوهان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ۽ پنجاب ۾ انهن جي ماڻهن کي به آزاد ڪرائي رهيا آهيو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي جواني جدوجهد ۾ گذري آهي هن عمر ۾ جيل اماڻڻ چاهيو ٿا ته خير آهي اتي آرام ڪري وٺنداسين. ڊمي اسميبليون عوام جي خدمت نٿيون ڪري سگهن. اهڙيون اسيمبليون صرف طاقتور جي خدمت ڪري سگهن ٿيون.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d9%81%d9%88%d8%ac-%d8%ac%d9%8a-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d9%86%d9%87-%d8%a2%d9%87%d9%8a%d9%88%d9%86%d8%8c-%d9%81%d9%88%d8%ac-%d8%a7%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%af/






