صحت لاهور،خانگي اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ تحت ڪينسر جو مفت علاج بند

لاهور: لاهور جي خانگي اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ تحت ڪينسر جي مفت علاج جي سهولت بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائيندڙ مريض پريشان ٿي ويا آهن.خانگي اسپتالن جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته خرچن کان گهٽ رقم تي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي. ڪينسر جي دوائن جي ڊسٽريبيوٽرن موجب هلندڙ سال سيپٽمبر کان 15 کان 20 خانگي اسپتالن صحت ڪارڊ تحت ڪينسر جو مفت علاج بند ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب لائيف انشورنس ڪمپني 25 سيپٽمبر تي نئين ريٽ لسٽ جاري ڪئي، جنهن ۾ خانگي اسپتالن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نون اگهن موجب دوائون فراهم ڪرڻ تي ئي بلن جي ادائيگي ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ بل ڪليئر نه ٿيندا.پنجاب هيلٿ انيشيئيٽو مئنيجمينٽ ڪمپني (پي ايڇ آءِ ايم سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر علي رزاق جو چوڻ آهي ته صحت ڪارڊ تحت رڳو 20 سيڪڙو خانگي اسپتالن ۾ ڪينسر جو مفت علاج ٿيندو هو، جيڪي هاڻي وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪري رهيون آهن. هنن سان 10 سيڪڙو منافعي بابت ڳالهيون ڪيون ويون آهن.ڪينسر جي مريضن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته خانگي اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ تحت ڪينسر جي علاج جي سهولت ٻيهر بحال ڪئي وڃي، جيئن مريضن جو رڪيل علاج ٻيهر شروع ٿي سگهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%84%d8%a7%d9%87%d9%88%d8%b1%d8%8c%d8%ae%d8%a7%d9%86%da%af%d9%8a-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84%d9%86-%db%be-%d8%b5%d8%ad%d8%aa-%da%aa%d8%a7%d8%b1%da%8a-%d8%aa%d8%ad%d8%aa-%da%aa%d9%8a%d9%86/






