صحت مهمند: پوليو ٽيم جي ڊيوٽيءَ تي ويندڙ 2 اهلڪار فائرنگ ۾ شهيد

مهمند: ضلعي مهمند ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم سان گڏ ڊيوٽيءَ تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربندن مهمند جي علائقي ڊاگ تمانزئي ۾ پوليو مهم جي ڊيوٽيءَ تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿيو، جنهن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d9%87%d9%85%d9%86%d8%af-%d9%be%d9%88%d9%84%d9%8a%d9%88-%d9%bd%d9%8a%d9%85-%d8%ac%d9%8a-%da%8a%d9%8a%d9%88%d9%bd%d9%8a%d8%a1%d9%8e-%d8%aa%d9%8a-%d9%88%d9%8a%d9%86%d8%af%da%99-2-%d8%a7%d9%87/






