Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۾ ڪارروايون: ڀارتي فنته الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا

شيئر ڪريو
سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۾ ڪارروايون: ڀارتي فنته الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:  خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪامياب ڪارروايون، ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنه الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 16 ۽ 17 نومبر تي ڏکڻ وزيرستان، بنون ۽ ٽانڪ ضلعن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون ويون. ڏکڻ وزيرستان ۾ خوارج جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڪيل آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز سان شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 15 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته ضلعي بنون ۾ ٻن مختلف چڪرين دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ضلعي ٽانڪ ۾ هڪ ٻي جهڙپ دوران وڌيڪ هڪ خارجي مارجي ويو. مارجي ويل ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم خوارج وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته علائقي ۾ موجود ٻين خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عزمِ استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي ۽ سهڪار سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين آپريشنز جي رفتار برقرار رکي ويندي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%8a%da%aa%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%81%d9%88%d8%b1%d8%b3%d8%b2-%d8%ac%d9%88%d9%86-%d8%ae%d9%8a%d8%a8%d8%b1%d9%be%d8%ae%d8%aa%d9%88%d9%86%d8%ae%d9%88%d8%a7%d9%87%d9%87-%db%be-%da%aa/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون