Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

فيلڊ مارشل عاصم منير جو تربت جو دورو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

شيئر ڪريو
فيلڊ مارشل عاصم منير جو تربت جو دورو، شهيدن جي يادگار تي حاضري

راولپنڊي: چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان جي علائقي تربت جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. دوري دوران فيلڊ مارشل کي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي جي خلاف جاري ڪارروائين ۽ صوبي ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

آءِ ايس پي آر موجب تربت پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. انهي موقعي تي ڪور ڪمانڊر بلوچستان انهي جو استقبال ڪيو. جڏهن ته کيس آپريشنل تيارين ۽ پرڏيهي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جاري ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني وئي. فيلڊ مارشل کي بلوچستان ۾ جاري سماجي ۽ معاشي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي هن ڏکين آپريشنل حالتن باوجود پاڪ فوج جي جوانن جي پيشوراڻي صلاحيتن ۽ بلند حوصلن کي ساراهيو.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي جوانن جو غيرمتزلزل عزم ساراهه جوڳو آهي، پاڪ فوج بلوچستان جي عوام سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪ فوج جو غيرمتزلزل عزم برقرار آهي

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%81%d9%8a%d9%84%da%8a-%d9%85%d8%a7%d8%b1%d8%b4%d9%84-%d8%b9%d8%a7%d8%b5%d9%85-%d9%85%d9%86%d9%8a%d8%b1-%d8%ac%d9%88-%d8%aa%d8%b1%d8%a8%d8%aa-%d8%ac%d9%88-%d8%af%d9%88%d8%b1%d9%88%d8%8c-%d8%b4%d9%87/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون