پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ 183 پاڪستاني اهلڪارن پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو: خواجه آصف

برسلز: دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان گذريل ست ڏهاڪن جي دوران گڏيل قومن جي 48 امن مشنز ۾ 2 لک 37 هزار اهلڪار اماڻي عالمي امن جي لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون آهن، جڏهن ته انهن مشنز ۾ 183 پاڪستاني اهلڪارن پنهنجي حياتين جو نذرانو به پيش ڪيو.
يورپي پارليامينٽ برسلز ۾ شومان سيڪيورٽي اينڊ ڊفينس فورم کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته عالمي امن، سلامتي جي لاءِ پاڪستان جون خدمتون ۽ قربانيون انهي جي فعال عالمي ڪردار جو ثبوت آهن، دنيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي، گڏيل تعاون ۽ اجتماعي ذميواري جو احساس ضروري آهي.
دفاع واري وزير جو چوڻ هو ته تڪرارن جي شڪار علائقن ۾ گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ اوچتو گهٽتائي سان انساني سلامتي جا خطرا وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا، انهي لاءِ امن مشنز جوي دائري کي زميني حقيقتن موجب، مناسب وسيلن سان ليس ۽ دير تائين سياسي حل سان جوڙڻ گهرجي. انهي موجب امن مشنز جي فيصلن ۾ فوجي ۽ پوليس دستا فراهم ڪندڙ ملڪن کي به موثر نمائندگي ملڻ گهرجي.
خواجه آصف چيو ته امن جو تصور صرف جنگ جي خاتمي تائين محدود نه آهي پر حقيقي استحڪام جي لاءِ انساني تحفظ، معاشي بهتري ۽ سماجي ترقي کي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي. موسمياتي تبديلي، غذائي عدم تحفظ ۽ معاشي ڪمزوريون دنيا ۾ تڪرارن کي وڌيڪ شدت ڏئي رهيون آهن جڏهن ته پاڪستان به موسمياتي تبديلي سبب خطرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
هن زور ڏنو ته دير تائين عالمي تڪرارن جو حل عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪڍيو وڃي. جڏهن ته متاثر علائقن تائين انساني امداد جي بنا رنڊڪ پهچ يقيني بنائي وڃي ۽ موسمياتي تبديلي، ترقي بابت عالمي واعدا پورا ڪيا وڃن.
دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ جامع عالمي نظام جي قيام لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي عالمي سطح تي انساني انصاف ۽ پائيدار امن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%af%da%8f%d9%8a%d9%84-%d9%82%d9%88%d9%85%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%d9%85%d9%86-%d9%85%d8%b4%d9%86%d8%b2-%db%be-183-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86%d9%8a-%d8%a7%d9%87%d9%84%da%aa%d8%a7/






