دنيا آمريڪي صدر ايران خلاف ٻيهر جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اهو ايران سان هڪ اهڙو معاهدو چاهي ٿو جيڪو مستقبل ۾ ڪنهن به ڪمزور آمريڪي صدر جي اقتدار ۾ اچڻ باوجود برقرار رهي. هن جو چوڻ هو ته ايران سان معاهدو طئي ٿيڻ تائين آمريڪي فوجي ايران ۾ موجود رهندا. تڪرار جي خاتمي لاءِ روس، چين کان مدد نه گهرندس.
آمريڪي ٽي وي چينل فاڪس نيوز کي انٽرويو ڏيندي ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ ڪوبه ڪمزور صدر اقتدار ۾ اچي وڃي تڏهن به ايران سان ٿيل معاهدو ختم نه ٿيڻ گهرجي، ٽرمپ موجب اهڙو سمجهوتو چاهيون ٿا جيڪو ايندڙ آمريڪي حڪومتن جي لاءِ به قابل عمل رهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوجي انهي وقت تائين ايران ۾ موجود رهندا جيستائين اهڙو معاهدو حاصل نٿو ٿي وڃي. هن جو چوڻ هو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسان انهي معاملي کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏينداسين. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ٽه آفريڪي ملاقات ۾ ايٽمي هٿيارن تي ڪنٽرول جو معاملو مرڪزي هوندو پر ايران تڪرار ختم ڪرائڻ جي لاءِ مان روس ۽ چين کان مدد نه گهرندس.
انٽرويو ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران جي صورتحال سٺي نه آهي انهي جي فوجي صلاحيتن کي سخت نقصان پهتو آهي. ٽرمپ موجب ايران جي قيادت، بحري جهاز ۽ ٻيا جهاز ختم ٿي چڪا آهن پر اهو بيان آمريڪي صدر جي دعويٰ آهي انٽرويو ۾ انهي جي تائيد ۾ ڪنهن به قسم جون تفصيلي شاهديون پيش نه ڪيون ويون آهن.
ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا ايران سان مفاهمتي يادداشت(ايم او يو) تي صحيحون ڪرڻ غلطي هئي؟ جنهن تي هن چيو ته اها ڪا غلطي نه هئي پر انهي وقت جي دوران آمريڪا کي ايران کي بهتر طور سمجهڻ جو موقعو مليو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته انهي عمل سان آمريڪا کي اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملي ته ايران تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن مون کي ٻيهر ايران جي خلاف جنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو ته مان ائين ڪرڻ کان هرگز نه گهبرائيندسين هن اعتراف ڪيو ته انهي جنگ جا سياسي اثر پيا آهن، پر هن جو چوڻ هو ته قومي فيصلا سياسي مفادن جي آڏو رکي نٿا ڪري سگهجن.
ٽرمپ کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن جنگ جو فيصلو ٻيهر ڪرڻو پيو ته ڇا هو ٻيهر به ساڳيو رستو اختيار ڪندو؟ جنهن تي آمريڪي صدر جواب ڏنو ته مان يقينن ٻيهر ائين ئي ڪندس. انٽرويو جي دوران ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن کي حاصل ڪرڻ يا تياري جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ايران گيسن ۽ حياتي هٿيارن تي غور ڪري رهيو آهي پر پنهنجي انهي الزام جي حق ۾ هو ڪي به شاهديون پيش نه ڪري سگهيو.
آمريڪي صدر موجب آمريڪا جي حملن ايران جي لاءِ ايٽمي صلاحيتن کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون مشڪل بنائي ڇڏيون آهن. هن اها به دعويٰ ڪئي ته ايران سان تڪرار آمريڪا شروع ناهي ڪيو پر اها جنگ 51 سال اڳ شروع ٿي هئي.
ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ڇا واشنگٽن ڊي سي جي شهرين کي ايران طرفان امڪاني حملي جي باري ۾ فڪرمند هجڻ گهرجي؟ جنهن تي هن چيو ته في الحال انهن کي اهڙي ڪنهن حملي جو خدشو نه آهي. پر جيڪڏهن اهڙو واقعو پيش آيو ته آمريڪا انتهائي سخت جواب ڏيندو.
هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران حملو ڪيو ته آمريڪا انهي کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيندو. جڏهن انهي کان پڇيو ويو ته ڇا اهو باقاعده واعدو آهي ته ٽرمپ جواب ڏنو ته مان انهي جي ضمانت ڏيان ٿو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%8a-%d8%b5%d8%af%d8%b1-%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d9%bb%d9%8a%d9%87%d8%b1-%d8%ac%d9%86%da%af-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%b9%d9%84%d8%a7%d9%86/






