Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

روس جا يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف تي ميزائل ۽ ڊرون حملا، 11 ڄڻا مارجي ويا

شيئر ڪريو
روس جا يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف تي ميزائل ۽ ڊرون حملا، 11 ڄڻا مارجي ويا

ڪيف: يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف ۾ ٿيل هڪ روسي حملي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا. يوڪرين ۽ روس جا هڪ ٻئي تي ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملا جاري آهن. گذريل رات روس يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف جي علائقي ديمير تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا.

اختيارين موجب گذريل ڏينهن روسي ڊرون حملي ۾ 5 ماڙ رهائشي عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو هو جنهن مان زخمين کي به ڪڍيو ويو.

روسي دفاع واري وزارت  موجب گذريل رات يوڪرين جي شهر ازميل ۾ توانائي ٺڪاڻن، بندرگاهن ۽ انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بنايو. ٻئي طرف روس جي صوبي پرم تي يوڪريني ڊرون حملي ۾ هڪ صنعتي ٺڪاڻن کي نقصان پهتو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b1%d9%88%d8%b3-%d8%ac%d8%a7-%d9%8a%d9%88%da%aa%d8%b1%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b1%d8%a7%da%84%da%8c%d8%a7%d9%86%d9%8a-%da%aa%d9%8a%d9%81-%d8%aa%d9%8a-%d9%85%d9%8a%d8%b2%d8%a7%d8%a6%d9%84-%db%bd/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون