Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

شي جن پنگ، ٽرمپ ۽ پيوٽن جي تاريخي ملاقات، چيني صدر ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو
شي جن پنگ، ٽرمپ ۽ پيوٽن جي تاريخي ملاقات، چيني صدر ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

بيجنگ: چيني صدر شي جنگ پنگ دنيا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ۽ چيني صدر شي جن چنگ جي وچ ۾ ٽه آفريقي ملاقات اڄ چين جي شهر شينزن ۾ ٿي جتي ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن عالمي امن، سلامتي جي لاءِ گڏيل ذميواري ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.

انهي موقعي تي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا جو مطالبو ڪندي چيني صدر شي جن پنگ چيو ته ايٽمي هٿيارن تي مڪمل طور تي پابندي لڳائڻ گهرجي، ايتمي هٿيارن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ايٽمي هٿيارن کان پاڪ دنيا تعمير ڪرڻ گهرجي. چيني صدر ايٽمي هٿيار  انسانيت جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي انهن کي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته ايٽمي جنگ ڪڏهن به کٽي نٿي سگهجي انهي لاءِ ايٽمي جنگ نه ٿيڻ گهرجي، ٽنهي ملڪن کي ايٽمي جنگ جي ذهنيت ختم ڪرڻ گهرجي.

چيني صدر چيو ته ٽنهي ملڪن کي ڀائيوار ۽ دوست هجڻ گهرجي جڏهن ته چين، روس ۽ آمريڪا کي تڪرارن ۾ شامل ڌرين کي ميز تي آڻڻ ۽ تڪرارن کي سياسي طور تي حل ڪرڻ تي راضي ڪرڻ گهرجي. انهي موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته امن جا موقعا ضايع ڪري ڪڏهن به امن حاصل نٿو ڪري سگهجي. ٽئي ملڪ ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي تي ڳالهين جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، پهريون ڀيرو چين ۽ روس سان گڏيل ڳالهين جي ذريعي هڪ نئون رستو طئي ڪري رهيا آهيون.

روسي صدر پيوٽن چيو ته روس، چين ۽ آمريڪا تعميري تعاون ڪن ته اهي عالمي استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا، اسان کي عالمي، علاقائي لاڳاپن سميت توانائي ۽ سيڪيورٽي تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. انهي کان اڳ چيني صدر شي جن پنگ آمريڪي صدر ٽرمپ سان ڳالهين ۾ چيو ته تائيوان تي آمريڪي عمل سان آمريڪا چين لاڳاپن ۾ ڏار کان بچائي سگهجي ٿو ۽ جيڪي اختلاف اڃان ختم نه ٿي سگهيا، ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ انهن اختلافن کي تعميري انداز ۾ سنڀالڻ گهرجي.

هن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ چين کي اهو يقيني بنائڻو پوندو ته مصنوعي ذهانت انساني ڪنٽرول ۾ رهي، گڏيل مفادن کي حاصل ۽ گڏيل خدشا ختم ڪرڻ جي لا واپاري، معاشي رابطه مضبوط ٿيڻ گهرجن. چيني صدر سان ملاقات کان پوءِ صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هو ۽ چيني صدر شي جن پنگ آبنائي هرمز مان تيل جي ورهاست چاهين ٿا، آمريڪا ۽ چين جيڪو ڪم ڪري سگهن ٿا اهو ڪو ٻيو نٿو ڪري سگهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b4%d9%8a-%d8%ac%d9%86-%d9%be%d9%86%da%af%d8%8c-%d9%bd%d8%b1%d9%85%d9%be-%db%bd-%d9%be%d9%8a%d9%88%d9%bd%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d8%ae%d9%8a-%d9%85%d9%84%d8%a7%d9%82%d8%a7%d8%aa/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون