پاڪستان ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض منظور ڪري ڇڏيو

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اي ڊي بي جي پڌرائي موجب 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض وفاقي سرڪاري ملازمن جي پينشن نظام ۾ سڌارن لاءِ ڏنو ويندو، جڏهن ته پينشن جي خرچن ۾ واڌ سبب پيدا ٿيندڙ مالي دٻاءُ گهٽائڻ ۾ قرض سان مدد ملندي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي پينشن جا خرچ 2016ع کان هيل تائين لڳ ڀڳ پنج ڀيرا وڌي چڪا آهن، جيڪي ساليانو هڪ کرب رپين کان به وڌي ويا آهن. پراڻو پينشن نظام فنڊ کانسواءِ هو، جنهن سبب ان جو سمورو بار بجيٽ تي پوندو هو.
پڌرائي موجب جولاءِ 2024ع کان ڀرتي ٿيل وفاقي ملازم نئين نظام ۾ شامل آهن. نئون نظام پينشن جي انتظام، شفافيت ۽ انگن اکرن تي ٻڌل نظام کي بهتر بڻائيندو، جڏهن ته سڌارن سان ترقياتي ۽ سماجي خرچن لاءِ مالي گنجائش پيدا ٿيندي.
اي ڊي بي جي ملڪي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته پاڪستان پينشن نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%8a%d8%b4%d9%8a%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%aa%d8%b1%d9%82%d9%8a%d8%a7%d8%aa%d9%8a-%d8%a8%d9%8a%d9%86%da%aa-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-50-%da%aa%d8%b1%d9%88/






