شوبز گريمي ايوارڊز 2027ع جي نامزدگين جو اعلان

لنڊن : موسيقيءَ جي دنيا جي سڀ کان وڏن ايوارڊز گريمي 2027ع جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي. برطانوي ڳائڻي ري (آر اي ) 11 نامزدگين سان سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته بيونسي پنهنجي ڪيريئر جي 100هين گريمي نامزدگي حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.برونو مارس ۽ ٽيلر سوئفٽ کي به مختلف ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو بيسٽ ايشيئن پاپ ميوزڪ پرفارمنس جي ڪيٽيگري به متعارف ڪرائي وئي آهي. واضح رهي ته 69هين گريمي ايوارڊز جي تقريب 7 فيبروري 2027ع تي لاس اينجلس ۾ ٿيندي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%af%d8%b1%d9%8a%d9%85%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d9%88%d8%a7%d8%b1%da%8a%d8%b2-2027%d8%b9-%d8%ac%d9%8a-%d9%86%d8%a7%d9%85%d8%b2%d8%af%da%af%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%b9%d9%84%d8%a7%d9%86/






