صحت نوجوانن ۾ وڌندڙ ڪينسر جي مرض جو اهم ۽ عام سبب خبر پئجي وئي!

وڏي آنڊي جو ڪينسر دنيا ۾ ڪينسر جي ٽئين سڀ کان عام بيماري آهي. 2022ع دوران هن بيماريءَ جا 19 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا هئا. هن ڪينسر سبب وڏي آنڊي ۽ ريڪٽم (مقعد کان اڳ واري حصي) کي نقصان پهچي ٿو.
تحقيق ڪندڙ هيل تائين اهو سمجهڻ ۾ ناڪام رهيا هئا ته 50 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ هي بيماري تيزيءَ سان ڇو وڌي رهي آهي، پر هڪ نئين تحقيق ۾ ان جو ممڪن سبب سامهون آيو آهي.
اڳين تحقيقن مان معلوم ٿيو هو ته صحتمند خوراڪ ۽ سٺي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ سان هن ڪينسر جو خطرو گهٽائي سگهجي ٿو. جڏهن ته گهڻي چرٻيءَ واري خوراڪ، ڳاڙهي گوشت، تيار ڪيل گوشت ۽ ڪارخانن ۾ گهڻي مرحليوار تيار ڪيل خوراڪ جي استعمال سان بيماريءَ جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
نئين تحقيق موجب، گهڻي چرٻيءَ واري خوراڪ کائڻ سان آنڊن جي بنيادي خلين (اسٽيم سيلز) جي ڊي اين اي ۾ ڊگهي عرصي تائين رهندڙ تبديليون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي وڏي آنڊي جي ڪينسر جو خطرو وڌائي سگهن ٿيون.
چوٿين تي ڪيل تجربن دوران تحقيق ڪندڙن کين 6 مهينن تائين گهڻي چرٻيءَ واري مغربي خوراڪ کارائي. ان عرصي کانپوءِ معلوم ٿيو ته انهن جي جسماني وزن ۾ واڌ ٿي ۽ آنڊن ۾ بنيادي خلين جو انگ به وڌي ويو، جيڪي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان پيدا ٿيڻ لڳا.
تحقيق ڪندڙن انهن خلين جي ڊي اين اي ۾ تبديليون به سڃاتيون. سندن چوڻ هو ته اهي بنيادي خليا انهن خلين مان آهن، جن ۾ خرابي پيدا ٿيڻ سان ڪينسر جي ڳوڙهي ٺهڻ جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
جڏهن چوٿين جي خوراڪ تبديل ڪري کين گهٽ چرٻيءَ واري خوراڪ ڏني وئي ته بنيادي خلين جا ڪم آهستي آهستي معمول تي اچڻ لڳا، پر ڊي اين اي ۾ پيدا ٿيل ڪجهه تبديليون برقرار رهيون.
انکانپوءِ جڏهن انهن کي ٻيهر گهڻي چرٻيءَ واري خوراڪ ڏني وئي ته آنڊن جي خليات اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان ردعمل ظاهر ڪيو. تحقيق ڪندڙن موجب، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماضيءَ جون خراب غذائي عادتون ٻيهر اختيار ڪرڻ سان ڪينسر جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ وڌيڪ تحقيق ذريعي اهو معلوم ڪيو ويندو ته خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪهڙين تبديلين سان خلين جي ڊي اين اي ۾ پيدا ٿيل نقصانڪار تبديلين کي واپس معمول تي آڻي سگهجي ٿو.
هنن واضح ڪيو ته چرٻي جسم لاءِ ضروري غذائي جز آهي، تنهنڪري ان کان مڪمل طور پاسو ڪرڻ به نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ان بدران زيتون جي تيل، ميون، دالين، ٻجن، ٻيرن، صوفن، ناسپاتين ۽ ڀاڄين جو استعمال وڌائڻ گهرجي، جڏهن ته ڪارخانن ۾ گهڻي مرحليوار تيار ڪيل خوراڪ جو استعمال گهٽ ۾ گهٽ رکڻ گهرجي.
تحقيق جا نتيجا سائنسي رسالي ’اسٽيم سيل رپورٽس‘ ۾ ڇپيا آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%86%d9%88%d8%ac%d9%88%d8%a7%d9%86%d9%86-%db%be-%d9%88%da%8c%d9%86%d8%af%da%99-%da%aa%d9%8a%d9%86%d8%b3%d8%b1-%d8%ac%d9%8a-%d9%85%d8%b1%d8%b6-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d9%87%d9%85-%db%bd-%d8%b9%d8%a7/






