پاڪستان پشاور هاءِ ڪورٽ ايمرجنسي، فوج گهرائڻ ۽ ٿري ايم پي او جا ڪيس نٿي ٻڌي سگهي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت ٿري ايم پي او ڪيس ۾ 16 نومبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي پي بار ڪونسل ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جي درخواست ڏني. درخواستگذارن جي وڪيل ڌر بنجڻ جي درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، عدالت وڪلين جي استدعا منظور ڪندي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو، 5 نومبر جي عدالتي حڪم نامي جي روشني ۾ ڪي پي حڪومت جواب جمع ڪرايو.
انهي ۾ چيو ويو ته ڪي پي حڪومت جي جواب جو جائزو ورتو ويو، 5 نومبر جي حڪمنامي جي پيراگراف نمبر اٺ ۾ ترميم ڪريون ٿا، ايمرجنسي جي لاڳو، فوج گهرائڻ ۽ ٿري ايم پي او جي ڪيسز کان علاوه پشاور هاءِ ڪورٽ آرٽيڪل 199 جا ٻيا ڪيسز ٻڌي سگهي ٿي. سردار لطيف کوسه ۽ بيرسٽر گوهر ٻڌايو ته هن ڌر بنجڻ جون درخواستون پشاور رجسٽري ۾ جمع ڪرايون آهن.
حڪم نامي موجب رجسٽرار آفيس کي حڪم ڏيون ٿا ته پي ٽي آءِ جي ڌر بنجڻ جون درخواستون ايندڙ ٻڌڻي تي مرڪزي ڪيس سان گڏ مقرر ڪيون وڃن، انهي کان پوءِ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%b4%d8%a7%d9%88%d8%b1-%d9%87%d8%a7%d8%a1%d9%90-%da%aa%d9%88%d8%b1%d9%bd-%d8%a7%d9%8a%d9%85%d8%b1%d8%ac%d9%86%d8%b3%d9%8a%d8%8c-%d9%81%d9%88%d8%ac-%da%af%d9%87%d8%b1%d8%a7%d8%a6%da%bb-%db%bd/






