Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

نوٽيس ذريعي ڌمڪائڻ جون ڪوششون مون کي خاموش نٿيون ڪري سگهن، جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي: چوڌري سالڪ

شيئر ڪريو
نوٽيس ذريعي ڌمڪائڻ جون ڪوششون مون کي خاموش نٿيون ڪري سگهن، جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي: چوڌري سالڪ

اسلام آباد:  وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي 5 ارب روپيه هرجاڻي واري قانوني نوٽيس جو لکت ۾ جواب اماڻي ڇڏيو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ڪندي مريم نواز ۽ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري کي به هتڪ عزت  جا قانوني نوٽيس به اماڻي ڇڏيا.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ وفاقي وزير سالڪ حسين جي وچ ۾ تڪرار جي شروعات 2 نومبر تي چوڌري سالڪ حسين جي نجي چينل کي ڏنل انٽرويو سان ٿيو هو جنهن ۾ انهي پنجاب ۾ ڪرپشن، بدانتظامي ۽ ترقياتي بجيٽ جي استعمال بابت خدشن جو اظهار ڪيو هو. انهي بيان تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سخت رد عمل ڏيندي سالڪ حسين کي 5 ارب روپيه هرجاڻي جو قانوني نوٽيس اماڻيو هو.

مسلم ليگ(ق) جي ترجمان موجب چوڌري سالڪ حسين پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان اماڻيل قانوني نوٽيس جو لکت ۾ جواب ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي اماڻيو ويو آهي. وفاقي وزير پنهنجي جواب ۾ پنهنجي بيان تي قائم رهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قانوني نوٽيس جي ذريعي انهي کي خاموش نٿو ڪرائي سگهجي هو عوامي مفاد جي مسئلن تي آواز  اٿاريندو رهندو.

چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته پنجاب لاڳيتو سخت بدانتظامي ۽ بدعنواني جي دلدل ۾ ڦاٿل آهي انهن مسئلن تي ڌمڪين جي بجاءِ پاڻ احتسابي ۽ جوابدهي جي ضرورت آهي. انهي موجب پاڪستان ۽ پنجاب جي وسيع تر مفاد ۾ شفافيت ۽ احتساب جي لاءِ انهي جو عزم غيرمتزلزل آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن پنهنجي وڪيل جي حوالي سان هتڪ عزت جا 2 قانوني نوٽيس اماڻيا آهن. جن مان هڪ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻيو اطلاعات واري وزير عظميٰ زاهد بخاري کي اماڻيو ويو آهي.  

ياد رهي ته وفاقي وزير چوڌري سالڪ مذڪوره ٽي وي انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پنجاب ۾ ڪرپشن جون ڪهاڻيون روز ٻڌي رهيو آهيان جنهن ۾ سچائي به آهي، هاڻ ته ڪرپشن جون فائلون نه پر الماريون ڀرجي ويون آهن، اهي ڪهاڻيون نوٽ به ٿي رهيون آهن.

انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته جهاز جو ذاتي استعمال نه ٿيڻ گهرجي سرڪاري استعمال جو به ٻڌايو، دورن سان ملڪ م ڪيتري سرمائيڪاري آئي؟ پنجاب جو سمورو بجيٽ لاهور ويندو آهي، پوءِ انهن جي مرضي آهي ته ڪيئن ورهايون.

انهي انٽرويو کان پوءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان نجي چينل جي اينڪر ۽ چينل جي چيئرمين کي به نوٽيس اماڻيا ويا هئا، مريم نواز طرفان نوٽيس ۾ مبينه هتڪ آميز بيان واپس وٺڻ، معافي گهرڻ ۽ هرجاڻي جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو ويو هو.

چوڌري سالڪ حسين انهي وقت  پنهنجي بيان جو دفاع ڪندي  چيو هو ته هن مريم نواز جو نالو ناهي ورتو پر پنجاب ۾ موجود مسئلن جي نشاندهي ڪئي هئي، هاڻ هن پنجاب جي وزيراعليٰ کي نوٽيس جو جواب ڏيڻ سان گڏ پاڻ به مريم نواز ۽ عظميٰ بخاري کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيا آهن.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%86%d9%88%d9%bd%d9%8a%d8%b3-%d8%b0%d8%b1%d9%8a%d8%b9%d9%8a-%da%8c%d9%85%da%aa%d8%a7%d8%a6%da%bb-%d8%ac%d9%88%d9%86-%da%aa%d9%88%d8%b4%d8%b4%d9%88%d9%86-%d9%85%d9%88%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d8%ae%d8%a7/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون