Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

معدنيات جي ڳولا لاءِ پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪمپنين ۾ 13 معاهدا

شيئر ڪريو
معدنيات جي ڳولا لاءِ پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪمپنين ۾ 13 معاهدا

اسلام آباد: پاڪستان معدنيات جي سيڙپڪاري بابت ٻن ڏينهن واري عالمي ويهڪ دوران پاڪستاني ۽ پرڏيهي ڪمپنين وچ ۾ 13 معاهدن ۽ سهڪاري ي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي سيڙپڪارن کي معدنيات جي ڳولا لاءِ دعوت ڏيندي کين مڪمل تحفظ جي خاطري ڪرائي آهي.

اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيل پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2026ع جي پڄاڻي جمعي ڏينهن ٿي. ويهڪ دوران فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) بلوچستان جي ضلعي چاغيءَ جي علائقي دشتِ ڪين ۾ 35 ڪروڙ ٽن ٽامي جا ذخيرا هجڻ جو ڪاٿو لڳايو. اهو ڪاٿو موجود کوٽائيءَ جي ڄاڻ جي لڳ ڀڳ اڌ حصي جي بنياد تي لڳايو ويو آهي.

ميري منرلز بلوچستان ۾ سون ۽ ٽامي جا پنهنجا پهريان ذخيرا ملڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته نيشنل ريسورسز لميٽيڊ موجب ضلعي چاغيءَ ۾ 25 هزار ميٽر کوٽائيءَ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ اٺن هنڌن تي ٽامي ۽ سون جا ذخيرا ملڻ جا آثار ظاهر ٿيا آهن. ڪمپني پاڪستان جي معدنيات واري شعبي ۾ 10 ڪروڙ ڊالر سيڙپ ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

توانائي واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پاڪستان چاغي ۽ اولهه بلوچستان ۾ ٽامي ۽ سون، گلگت بلتستان ۾ ليٿيم، ٽين ۽ ٽنگسٽن، جڏهن ته خيبر پختونخواهه ۾ اينٽيموني ۽ ٻين بنيادي ڌاتن جي ڳولا تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت معدنيات کي رڳو ڪچو مال ڪري پرڏيهه موڪلڻ بدران ملڪ اندر ئي انهن جي صفائي، تياري ۽ وڌيڪ قدر وارين شين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته معدنيات جي منصوبن لاءِ بجلي، پاڻي، رستن، ريلوي ۽ بندرگاهن تائين پهچ ضروري آهي. روهڙي-نوڪنڊي ريلوي لنگهه جي سڌاري ۽ پورٽ قاسم سان ڳانڍاپي سميت بنيادي سهولتن جي واڌاري تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.

فورم جي پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو مقصد رڳو ڪچيون معدنيات پرڏيهه موڪلڻ نه، پر ملڪ اندر اهڙا ڪارخانا قائم ڪرڻ آهي، جتي انهن کي تيار ۽ اڌ تيار شين ۾ تبديل ڪري سگهجي. ان سان روزگار، فني مهارت ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌ ويجهه ٿيندي.

وزيراعظم سيڙپڪارن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ”توهان جو تحفظ اسان جو تحفظ آهي“، حڪومت معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ بابت خدشا ختم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جو مقصد رڳو ڪچيون معدنيات برآمد ڪرڻ نه، پر صفائي، تياري ۽ سموري پيداواري ڪڙي کي ملڪ اندر هٿي ڏيڻ آهي، جڏهن ته معدنيات سان مالا مال علائقن جي مقامي ماڻهن کي به انهن منصوبن مان سڌو سنئون فائدو ملڻ گهرجي.

وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير قومي معدنيات ڄاڻ مرڪز ۽ جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي ڊجيٽل ڄاڻ مرڪز جو افتتاح پڻ ڪيو، جنهن جو مقصد معدنيات بابت ڄاڻ تائين پهچ آسان بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن لاءِ غيريقيني گهٽائڻ آهي.

12 ۽ 13 نومبر تي ٿيل هن عالمي ويهڪ ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن، سيڙپڪارن ۽ معدنيات جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن شرڪت ڪئي. ويهڪ ۾ 122 نمائش ڪندڙ ادارا شريڪ ٿيا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 6 هزار رهيو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d8%b9%d8%af%d9%86%d9%8a%d8%a7%d8%aa-%d8%ac%d9%8a-%da%b3%d9%88%d9%84%d8%a7-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86%d9%8a-%db%bd-%d9%be%d8%b1%da%8f%d9%8a%d9%87%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون