Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 16 خوارج مارجي ويا، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

شيئر ڪريو
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 16 خوارج مارجي ويا، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

راولپنڊي:  اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪارروائين جي دوران 16 خوارج مارجي ويا جڏهن ته 2 بهادر جوانن شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب خيبر پختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقن مير علي، دته خيل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گذريل 12 ڪلاڪن دوران علي خيل ۾ 12 خوارج مارجي ويا، جن ۾ 2 افغان شهري پڻ شامل آهن، جڏهن ته مير علي ۽ دته خيل ۾ 2- 2 خوارج کي ماريو ويو. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارج ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج سان تعلق رکندا هئا.

ڪاررواين دوران پاڪ فوج جا ٻه بهادر جوان حوالدار عصمت علي، عمر 43 سال، رهواسي ضلع صوابي ۽ نائڪ آفتاب علي، عمر 32 سال، رهواسي ضلع مردان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارج وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته اهي دهشتگرد معصوم شهرين جي قتل سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ باقي رهيل خوارج جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رهندا، جڏهن ته عزمِ استحڪام تحت ملڪ مان پرڏيهي سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون ڀرپور رفتار سان جاري رهنديون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d8%aa%d8%b1-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d8%b3%d9%8a%da%aa%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d9%81%d9%88%d8%b1%d8%b3%d8%b2-%d8%ac%d9%88%d9%86-%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%b1/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون