ڪاروبار پاڪستان ۾ پيٽرول تي تاريخ جي سڀني کان وڌيڪ ليوي وصول ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن مالي سال جي شروعاتي ٽن مهينن جي دوران پيٽرول ليوي جي رڪارڊ وصولي سامهون آئي آهي.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مهانگائي، گهٽ آمدني ۽ ڳرن بجلي جي بلز جي ستايل شهرين تي پيٽروليم ليوي جي مد ۾ به ڳرو مالي بار برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ ۾ سرڪاري دستاويزن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال 2026-27 جي پهرين ٽه ماهي(يعني جولاءِ کان سيپٽمبر 2026) جي دوران حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 381 ارب 82 ڪروڙ روپيه وصول ڪيا.
دستاويزات ۾ لکيل انگن اکرن موجب گذريل سال جي انهي وقت جي مقابلي ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولي ۾ 10 ارب 21 ڪروڙ روپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اهو اضافو ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به مالي سال جي پهرين ٽن مهينن جي دوران ٿيل وصولين جي مقابلي ۾ هڪ نئون رڪارڊ آهي.
ياد رهي ته حڪومت مالي سال 2026-27 جي شروعاتي 2 مهينن جي دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 220 ارب روپيه جمع ڪيا آهن. هلندڙ مالي سال جي لاءِ حڪومت طرفان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ گڏيل طور تي 1.676 ٽريلين روپيه حاصل ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پيٽروليم ليو جي ذريعي قومي ناڻي ۾ وڏي رقم جمع ڪئي پئي وڃي، جنهن جي خلاف جماعت اسلامي طرفان سموري ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو به جاري آهي ۽ انهي سلسلي ۾ حڪومت سان ڳالهين جا ڪجهه دور به ٿي چڪا آهن.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d9%be%d9%8a%d9%bd%d8%b1%d9%88%d9%84-%d8%aa%d9%8a-%d8%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d8%ae-%d8%ac%d9%8a-%d8%b3%da%80%d9%86%d9%8a-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%88%da%8c/






