پاڪستان خيبرپختونخواهه ۾ سون جي کاڻن جون سموريون سرگرميون معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ سون جي کاڻن جون سموريون سرگرميون فوري طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته غيرقانوني مائننگ خلاف ڪارروائي جي دوران انڪشاف ٿيو ته هر مهيني تقريبن 90 ڪلو گرام سون ڪڍيو پئي ويو جڏهن ته انهي غيرقانوني ڪاروبار مان حاصل ٿيل وڏي رقم جو وڏو حصو افغانستان منتقل ڪيو ويندو هو.
خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته غيرقانوني کاڻين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف زيرو ٽالرينس ٿيندي، صوبي ۾ سون جي کاڻن جون سموريون ليزون ملتوي ڪيون پيون وڃن، سموريون سرگرميون فوري طور تي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي ڊيڊ لائن ڏني ته سون جي کاڻين تي ڪم ڪندڙ ليز هولڊر ۽ ٺيڪيدار هڪ هفتي جي اندر لاڳاپيل علائقن مان پنهنجون ڳريون مشينريون هٽائي ڇڏيون، مشينريون نه هٽايون ويون ته هڪ هفتي کان پوءِ ڪارروائي ٿيندي ۽ سموريون مشينرون ضبط ڪيون وينديون. پهريان مئجسٽريٽ مشينري ضبط ڪري 30 هزار ڏنڊ لاڳو ڪندا هئا پر هاڻ قانون ۾ ڏنڊ جي رقم 5 لک روپيه ڪئي وئي آهي انهي جي به جاچ ٿيندي.
هن ٻڌايو ته غير قانوني مائننگ ۾ 8 هزار 350 ٽريڪٽر، ٽريڪٽر ٽراليون، هڪ هزار 730 هيوي ڊمپرز ۽ وڏي تعداد ۾ مزدور استعمال ٿي رهيا هئا، ڪوهاٽ ۾ معدنيات جا 2 بلاڪ سي ۽ ڊي آهن جڏهن ته هڪ مائننگ بلاڪ 4 ارب 92 ڪروڙ روپين جي ليز تي ڏنو ويو هو.
خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته غيرقانوني کاڻين مان حاصل ٿيندڙ رقم جو وڏو حصو افغانستان منتقل ٿي رهيو هو ۽ اهي پئسا دهشتگردي ۽ پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهيا هئا، غيرقانوني مائننگ ڪندڙ عناصر دهشتگردن کي ڀتو ڏيڻ ۽ انهن کان تحفظ حاصل ڪندا هئا.
هن ٻڌايو ته ڪوهاٽ ۾ غيرقانوني گولڊ مائننگ خلاف وڏو آپريشن ڪيو ويو انهي دوران پوليس بهادري جو مظاهرو ڪندي غيرقانوني مائننگ جو سلسلو ختم ڪيو پر آپريشن کان پوءِ واپس آيل پوليس فورس تي فتنته الخوارج حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 11 خوارج مارجي ويا.
خيبرپختونخواهه جي گورنر شهيد ڊي ايس پي حيدر زمان جي نالي سان ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته انهي قيام جي منظوري ڏني وئي آهي، هن واضح ڪيو ته پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙن سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي اپنائي ويندي ۽ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته آخر ڪيستائين اسان پنهنجي جوانن جون شهادتون ڏيندا رهنداسين هاڻ اهو سلسلو برداشت نه ڪيو ويندو. گورنر وڌيڪ چيو ته گذريل 13 سالن جي دوران خيبرپختونخواهه جي وسيلن کي ڦريو ويو پر هاڻ صوبي ۾ جزا ۽ سزا جو نظام لاڳو ٿيندو. حڪومت جو مقصد صوبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ ۽ نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.
هن ٻڌايو ته مائنز اينڊ منرلز جي حوالي سان منعقد ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان وفدن شرڪت ڪئي ۽ معدني وسيلن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاڻ عالمي برادري کي به مائنز اينڊ منرلز جي شعبي ۾ گهرايو پيو وڃي ته جيئن صوبي جي قدرتي وسيلن کي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪتب آندو ويندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ae%d9%8a%d8%a8%d8%b1%d9%be%d8%ae%d8%aa%d9%88%d9%86%d8%ae%d9%88%d8%a7%d9%87%d9%87-%db%be-%d8%b3%d9%88%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%da%a9%d8%a7%da%bb%d9%86-%d8%ac%d9%88%d9%86-%d8%b3%d9%85%d9%88%d8%b1%d9%8a/






