Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

سهيل آفريدي سميت 9 اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج

شيئر ڪريو
سهيل آفريدي سميت 9 اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج

اسلام آباد: سهيل آفريدي، بابر سليم سواتي سميت 9 اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري ۽ حراست کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس طرفان ايڊووڪيٽ معظم بٽ جي ذريعي وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سمورن گرفتار چونڊيل نمائندن جي فوري آزادي ۽ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چونڊيل عوامي نمائندن کي حراست ۾ رکڻ عوامي مينڊيت کي غير موثر بنائڻ جي برابر آهي. جڏهن ته سياسي وابستگي جي بنياد تي چونڊيل نمائندن کي نشانو بنائڻ آئين جي آرٽيڪل 14-14-17 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گرفتار ٿيل اسيمبلي ميمبرن جا گرفتاري واري هنڌ ۽ انهن کي گرفتار رکڻ جي قانوني حيثيت بابت تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 ۽ 245 جي تحت حاصل اختيار به بنيادي حقن کان مٿانهان نه آهن جڏهن ته گورنر راج جي لاڳو ٿيڻ سان شهرين جا بنيادي حق ختم نٿا ٿي وڃن، حڪومتي قدمن، وفاقي آئيني عدالت جي عدالتي جائزي جا تابع آهن.

آئيني درخواست موجب پي ٽي آءِ باني محمود اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس کي حڪومت سان ڳالهين جي ذميواري ڏني وئي هئي، رياستي مشينري کي سياسي اختلاف دٻائڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي غير موثر بنائڻ جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%87%d9%8a%d9%84-%d8%a2%d9%81%d8%b1%d9%8a%d8%af%d9%8a-%d8%b3%d9%85%d9%8a%d8%aa-9-%d8%a7%d8%b3%d9%8a%d9%85%d8%a8%d9%84%d9%8a-%d9%85%d9%8a%d9%85%d8%a8%d8%b1%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%da%af%d8%b1%d9%81/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون