Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

دهشتگردن کي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم

شيئر ڪريو
دهشتگردن کي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي امن ۽ استحڪام تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، حڪومت دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي,وزيراعظم ڪوهاٽ ۾ پوليس ٽيم تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد ڊي ايس پي حيدر زمان سميت 10 پوليس اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو.شهباز شريف چيو ته پوليس اهلڪارن پنهنجيون جانيون قربان ڪري فرض شناسي ۽ بهادريءَ جو وڏو مثال قائم ڪيو آهي، جڏهن ته 18 خوارج کي مارڻ خيبرپختونخوا پوليس جي دهشتگرديءَ خلاف اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.وزيراعظم چيو ته ڏوهاري عنصرن ۽ فتني الخوارج جو پاڻ ۾ ڳٺجوڙ ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي سازش آهي، اهڙن عنصرن کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%af%d9%87%d8%b4%d8%aa%da%af%d8%b1%d8%af%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%86%d8%a7%d9%be%d8%a7%da%aa-%d9%85%d9%82%d8%b5%d8%af%d9%86-%db%be-%da%aa%d8%a7%d9%85%d9%8a%d8%a7%d8%a8-%d9%bf%d9%8a%da%bb-%d9%86%d9%87/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون