ڪاروبار سنڌ حڪومت يوريا ڀاڻ جي ذخيره اندوزي، قيمتن ۾ واڌ تي ڊيلرز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير زراعت محمد بخش خان مهر ربيع سيزن جي دوران يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافي، ذخيره اندورزي، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ جعلي ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائن جي وڪري جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
انهي سلسلي ۾ صوبائي وزير زراعت سنڌ محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري زراعت سنڌ محمد زمان ناريجو، ڊي جي زرعي توسيع ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ غيرقانوني وڪرو ۾ ملوث ڊيلرز جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
صوبائي وزير سيڪريٽري زراعت سنڌ، ڊي جي زرعي توسيع ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي سخت قدم کڻڻ ۽ روزاني جي بنياد تي ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ڊي جي زرعي توسيع کي حيدرآباد ۾ آبادگارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايتي سيل قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
محمد بخش خان مهر ڀاڻ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي ڊيلرز کي يوريا ڀاڻ جي وقت تي گهربل مقدار ۾ فراهمي يقيني بنائين، مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ ڀاڻ جي سپلائي ۾ معطلي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
هن زرعي آفيسرن کي ڀاڻ جي دستيابي، سرڪاري قيمتن تي وڪرو ۽ موثر نگراني يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
سنڌ جي صوبائي وزير زراعت محمد بخش خان مهر جو چوڻ هو ته ربيع جي سيزن دوران آبادگارن کي سرڪاري قيمتن تي ڀاڻ جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. آبادگارن جي مفادن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو ۽ انهي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d9%8a%d9%88%d8%b1%d9%8a%d8%a7-%da%80%d8%a7%da%bb-%d8%ac%d9%8a-%d8%b0%d8%ae%d9%8a%d8%b1%d9%87-%d8%a7%d9%86%d8%af%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%8c-%d9%82%d9%8a/






