شوبز ٽي وي سيريز ’مائڪ هيمر‘ جو اداڪار لاڏاڻو ڪري ويو

نيويارڪ: مشهور آمريڪي اداڪار اسٽييسي ڪيچ 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جي گهرواري مالگوشيا توماسِي ڪيچ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسٽييسي ڪيچ پولينڊ ۾ پنهنجي گهر اندر دل جي سنگين بيماري ۽ دل جي دوري سبب فوت ٿيو.اسٽييسي ڪيچ جو شمار آمريڪا جي نامور اسٽيج اداڪارن ۾ ٿيندو هو. کيس مشهور آمريڪي ٽي وي سيريز ’مائڪ هيمر‘ ۾ جاسوس جو ڪردار ادا ڪرڻ سبب عالمي شهرت حاصل ٿي.هن ٿيٽر، فلمن ۽ ٽيليويزن جي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته شيڪسپيئر جي ڪلاسيڪي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ سبب پڻ کيس وڏي مڃتا حاصل هئي.رپورٽ موجب 1984ع ۾ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي اسٽييسي ڪيچ کي ڪوڪين اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. سندس سامان مان شيو ڪرڻ واري فوم جي دٻي ۾ لڪايل ڪوڪين هٿ آئي هئي، جنهن تي کيس 9 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پر هو لڳ ڀڳ 6 مهينن کانپوءِ آزاد ٿي ويو هو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%bd%d9%8a-%d9%88%d9%8a-%d8%b3%d9%8a%d8%b1%d9%8a%d8%b2-%d9%85%d8%a7%d8%a6%da%aa-%d9%87%d9%8a%d9%85%d8%b1-%d8%ac%d9%88-%d8%a7%d8%af%d8%a7%da%aa%d8%a7%d8%b1-%d9%84%d8%a7%da%8f%d8%a7/






