Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

حڪومتي وزير ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته 2 سال سزا ملي سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن جا سخت ريمارڪس

شيئر ڪريو
حڪومتي وزير ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته 2 سال سزا ملي سگهي ٿي، اليڪشن ڪميشن جا سخت ريمارڪس

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ گوجرانواله ضمني چونڊن ۾ ضابطه اخلاق ڀڃڪڙي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چونڊ مهم جي دوران هيليڪاپٽر تي تڪ جو دورو ڪيو ۽ عوامي اجتماع کي خطاب ڪيو. اطلاعات واري واري اليڪشن ايڪٽ ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي اليڪشن ڪميشن ٻن سالن تائين جي سزا ٻڌائي سگهي ٿو.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم ۽ حڪومت کي حڪم جاري ڪري سگهي ٿو. حڪومت اليڪشن ڪميشن کي هدايتون نٿي ڏئي سگهي،وفاقي حڪومت اسلام آباد بلدياتي چونڊن لاءِ سنجيده نظر نه اچي رهي آهي. واضح ڪري ڇڏيون ته اسلام آباد جون بلدياتي چونڊون ضرور ٿينديون.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم ڪيئن حڪم ڏئي ڇڏيو ته ٽيچرز جون اليڪشن ڊيوٽيون نه لڳايون وينديون، اليڪشن ڪميشن ڪٿان کان عملو آڻيندو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب اسيمبلي ميمبرن تي به ناراضگي جو اظهار ڪيو. صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري اسما عباس جي ٻڌڻي دوران کلڻ تي چيف اليڪشن ڪميشن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اوهان جي پنجاب اسيمبلي جي سيٽ به وڃي سگهي ٿي. اوهان جي کلڻ تي توهين عدالت جو نوٽيس به جاري ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ ڇو هيليڪاپٽر تي دورو ڪيو.

ڊپٽي ڪمشنر گوجرانواله چيو ته اطلاعات واري وزير ڪنٽونمينٽ بورڊ جو دورو ڪيو جيڪو اسان جي تحت نه آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان وڃو ۽ قانون پڙهي اچو، اسپيشل سيڪريٽري چيو ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ٻن سالن تائين سزا ملي سگهي ٿي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جوڙي ورتي آهي. ڊي آر او، ڊي ايم او ۽ آر او فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ تي لکت ۾ جواب  جمع ڪرائي، اطلاعات واري وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو اهو ڪٿي آهي؟ عطاءُالله تارڙ جي وڪيل سجيل سواتي جواب ڏنو ته اطلاعات وارو وزير سرڪاري پرڏيهي دوري تي ويل آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته اطلاعات واري وزير کي دوري ۾ صرف ميڊيا ڪوريج ئي ڪرڻي آهي ٻيو ڇا ڪرڻو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي سموريون ڌريون ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿين. اليڪشن ڪميشن سي پي او گوجرانواله کي به طلب ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa%d9%8a-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1-%d8%b6%d8%a7%d8%a8%d8%b7%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%da%80%da%83%da%aa%da%99%d9%8a-%da%aa%d8%a6%d9%8a-%d8%aa%d9%87-2-%d8%b3%d8%a7%d9%84-%d8%b3/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون