Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

پاليسيون بهتر ڪري پاڪستان جي منرل سيڪٽر کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي ٿو: اسحاق ڊار

شيئر ڪريو
پاليسيون بهتر ڪري پاڪستان جي منرل سيڪٽر کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي ٿو: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاليسيون بهتر بنائي عالمي سرمائيڪاري کي هٿي ڏئي پاڪستان جي منرل سيڪٽر کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي ٿو.

اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ منرلز ۽ مائننگ سيڪٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي، پاليسيون بهتر بنائي عالمي سرمائيڪارن کي راغب ڪري پاڪستان جي منرل سيڪٽر کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي ٿو. عالمي سرمائيڪارن کي منرل سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سرمائيڪارن جو ڀروسو بحال ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اوليت ۾ شامل آهي. ملڪ ۾  هنر ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي ڀائيواري کي هٿي ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم جي قيادت ۾ معدني شعبي کي هٿي ڏني پئي وڃي جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير قومي سرمائي کي هٿي ڏيڻ ۾ سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.

نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته عالمي سرمائيڪارن کي منرل سيڪٽر ۾ سرمائيڪاري جا موقعا ميسر آهن، بلوچستان پاڪستان جي منرلز جو مستقبل آهي.  

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%d9%84%d9%8a%d8%b3%d9%8a%d9%88%d9%86-%d8%a8%d9%87%d8%aa%d8%b1-%da%aa%d8%b1%d9%8a-%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%85%d9%86%d8%b1%d9%84-%d8%b3%d9%8a%da%aa%d9%bd/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون