دنيا ايران خلاف وڏي فوجي ڪارروائي جي ضرورت نه آهي، ڳالهين کي اڳيان وڌائڻ لاءِ تيار آهيون: مارڪوروبيو

پيرس: آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ايران جي خلاف معاشي دٻاءُ جا اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. واشنٽگن تهران کي انهي جي مبينه منفي سرگرمين لاءِ مالي وسيلا فراهم ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پيرس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي روبيو چيو ته ايران کي پنهنجي ايٽمي پروگرام ۽ دهشتگردي جي مبينه مالي مدد جي لاءِ وسيلا گهرجن. روبيو موجب ايران جا مالي وسيلا جيترا محدود هوندا، هو پنهنجي انهن سرگرمين تي ايتري ئي گهٽ رقم خرچ ڪري سگهندو.
آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي خلاف وڌيڪ وڏي فوجي آپريشن جي ضرورت نه آهي جيڪڏهن معاشي قدمن ذريعي گهربل قدم حاصل ڪيا پيا وڃن ته آمريڪا کي وڌيڪ فوجي حملا ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
روبيو موجب واشنگٽن ايران سان جاري تڪرار ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر تهران جا موجوده مطالبا مڪمل طور تي غير حقيقت پسندانه آهن.
روبيو چيو ته آمريڪا اميد ڪري ٿو ته ايران پنهنجن مطالبن تي نظر ثاني ڪندو جيڪڏهن تهران پنهنجي موقف ۾ تبديلي ڪئي ته واشنگٽن سفارتي ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d9%88%da%8f%d9%8a-%d9%81%d9%88%d8%ac%d9%8a-%da%aa%d8%a7%d8%b1%d8%b1%d9%88%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d8%b6%d8%b1%d9%88%d8%b1%d8%aa-%d9%86/






