سنڌ سنڌ حڪومت آبادگارن کي 17 ارب روپيه سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، تاريخ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت ربيع جي موسم لاءِ سنڌ ويٽ گروورز سپورٽ پروگرام جي تحت آبادگارن کي سبسڊي جي رقم 20 نومبر تي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 20 نومبر تي وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ ويٽ گرورز سپورٽ پروگرام جي تحت آبادگارن ۾ سبسڊي رقم جي فراهمي جو افتتاح ڪندو.
سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش خان مهر ٻڌايو ته انهي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير، صوبائي وزير، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ۽ پارٽي اڳواڻ شرڪت ڪندا.
سنڌ جي زراعت واري محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ آبادگارن جي رجسٽريشن ۽ سبسڊي جي فراهمي واري افتتاحي تقريب جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو آٻادگارن جي رجسٽريشن ۽ تقريب جي تيارين بابت بريفنگ ڏني.
زراعت واري وزير محمد بخش خان مهر موجب هلندڙ ربيع جي سيزن ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي ذريعي ساڍا 5 لک آبادگار فائدو حاصل ڪندا. سنڌ ويٽ گروورز سپورٽ پروگرام جي تحت آبادگارن لاءِ گڏيل طور تي 17 ارب روپين جي سبسڊي مقرر ڪئي وئي آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af%da%af%d8%a7%d8%b1%d9%86-%da%a9%d9%8a-17-%d8%a7%d8%b1%d8%a8-%d8%b1%d9%88%d9%be%d9%8a%d9%87-%d8%b3%d8%a8%d8%b3%da%8a%d9%8a/






