ڪاروبار حڪومت بجلي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ۾ اسمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ وڏي خبر سامهون اچي وئي آهي جنهن موجب حڪومت عالمي بينڪن کان قرض کڻي نظام تبديل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.
حڪومت بجلي جي ورهاست واري نظام کي جديد بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي سمورن ڊسڪوز جي ٽرانسفارمرز تي اسمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. انهي وڏي منصوبي جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان اربين ڊالر جا قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب انهي حوالي سان اقتصادي معاملا ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي وزير احمد چيمه جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اسمارٽ ميٽرز جي لڳائڻ لاءِ مالي وسيلن جي فراهمي جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورن ڊسڪوز جي ٽرانسفارمرز تي اسمارٽ ميٽرز لڳائڻ جي لاءِ فنڊز جو انتظام اقتصادي معاملن ڊويزن جي ڪوششن ذريعي ڪيو پيو وڃي. حڪومت انهي مقصد جي لاءِ مالياتي ادارن کان اربين ڊالر جو قرض وٺڻ جو ارادو رکي ٿي.
منصوبي ۾ مالي مدد حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ سان ڳالهيون ڪندي. سرڪاري پڌرائي ۾ اجلاس جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته اسمارٽ ميٽرز کي لڳائڻ وارو ڪم سموري ملڪ ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ ڪيو ويندو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%ad%da%aa%d9%88%d9%85%d8%aa-%d8%a8%d8%ac%d9%84%d9%8a-%d9%88%d8%b1%d9%87%d8%a7%d8%b3%d8%aa-%da%aa%d9%86%d8%af%da%99-%da%aa%d9%85%d9%be%d9%86%d9%8a%d9%86-%db%be-%d8%a7%d8%b3%d9%85%d8%a7%d8%b1%d9%bd/






