صحت ويڪسين جي معاملي ۾ ڪرپشن جو معاملو، وفاقي وزير صحت انڪوائري رپورٽ سامهون آڻي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي صحت واري وزارت حاجين لاءِ ويڪسين جي خريداري ۾ مبينه ڪرپشن بابت انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ عوام آڏو آڻي ڇڏيو.
وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي صحت واري وزارت حاجين لاءِ ويڪسين جي خريداري ۾ مبينه ڪرپشن بابت انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ اڄ عوام آڏو اڻي رهي آهي. انڪوائري رپورٽ جو اصل جز اهو آهي ته صحت واري وزارت کي ٻڌائڻ کان سواءِ ويڪسين جي پروڪيورمنٽ ڪئي وئي، بارڊر هيلٿ سروس وفاقي صحت واري وزارت کي باءِ پاس ڪيو.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت واري وزارت انڪوائري رپورٽ تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا تي 10 ارب روپين جي ويڪسين ۾ ڪرپشن جو بيانيو شروع ڪيو ويو، هڪ روپيو به سرڪار جو انهي سموري عمل ۾ ناهي لڳو. 18 ڪروڙ 30 لک 55 هزار روپيه هن وقت نادرا جي اڪائونٽ ۾ موجود آهن. 10 ارب روپين جو ڪوبه ڪرپشن اسڪينڊل نه آهي.
صحت واري وزارت چيو ته وزيراعظم جو وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته اهو سڀني شين ۾ مون سان گڏ بيٺل رهيو. گرفتار ڪيلن کي ٽارچر ڪري چيو پيو وڃي ته وزير جو نالو وٺي. مون ڪنهن به قسم جي انويسٽيگيشن ۾ رنڊڪ ناهي وڌي، هي پهرين پوسٽ نه آهي جيڪا مان ادا ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته ويڪسين جي انڪوائري دوران مصطفيٰ ڪمال کي وچ ۾ آندو پيو وڃي، ڪوبه کاتو اهڙو ناهي جنهن ۾ ڪرپشن نه ٿي رهي هجي، منهنجي وزير بنجڻ کان اڳ انهي منسٽري مان 8 لک ڊالر جون مڇردانيون چوري ٿيون، مان پيپلز پارٽي جو وزير هجان ها ته شايد مون سان اهڙو سلوڪ نه ٿئي ها.
وفاقي وزير موجب 10 ارب رپين جي ويڪسين خريد ڪرڻ يا ايتري ئي رقم جي رشوت وٺڻ جا الزام بي بنياد آهن، وزيراعظم جي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ به 10 ارب رپين جي ڪرپشن جو ذڪر ناهي. هن چيو ته ويڪسين جي اصل قيمت 1300 رپيا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اها 2500 رپين ۾ خريد ڪرڻ جو معاملو سامهون آيو آهي. مصطفىٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته گذريل چئن سالن دوران پروڪيورمينٽ ڪميٽي ۾ ڊريپ جي اختيارين جي ڪردار جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته انڪوائري رپورٽ ۽ لاڳاپيل دستاويز ميڊيا کي فراهم ڪيا ويندا.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%88%d9%8a%da%aa%d8%b3%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d9%85%d8%b9%d8%a7%d9%85%d9%84%d9%8a-%db%be-%da%aa%d8%b1%d9%be%d8%b4%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d8%b9%d8%a7%d9%85%d9%84%d9%88%d8%8c-%d9%88%d9%81%d8%a7/






