پاڪستان اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ 31 عالمي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ٽن ڏينهن جي دوري تي ترڪيه روانو ٿي ويو. وزيراعظم 10 کان 12 نومبر تائين ترڪيه جي شهر انطاليه ۾ رهندو، جتي گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي 31هين عالمي ڪانفرنس ڪوپ 31 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان، وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم 11 نومبر تي عالمي اڳواڻن جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ هو عالمي برادري تي زور ڏيندو ته موسمياتي تبديلين سبب ڌرتيءَ کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا ۽ عملي قدم کنيا وڃن.
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي فروغ، متبادل توانائي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ صاف ۽ پائيدار توانائي ڏانهن منتقلي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪندو. ان کان علاوه ترقي پذير ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻ ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب ۽ آسان شرطن تي موسمياتي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏيندو.
دوري دوران وزيراعظم جي ترڪيه جي قيادت ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن، جن ۾ گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ڪوپ 31 جي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت موسمياتي تبديلي جي عالمي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d8%b3%d9%84%d8%a7%d9%85-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af-%d9%88%d8%b2%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d8%b9%d8%b8%d9%85-%d8%b4%d9%87%d8%a8%d8%a7%d8%b2-%d8%b4%d8%b1%d9%8a%d9%81-%d9%bd%d9%86-%da%8f%d9%8a%d9%86%d9%87/






