Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

مڪه معاهدو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه اهو سعودي عرب، ترڪيه سان اسان جي ڀائيواري جي نشاني آهي: اسحاق ڊار

شيئر ڪريو
مڪه معاهدو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه اهو سعودي عرب، ترڪيه سان اسان جي ڀائيواري جي نشاني آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته مڪه معاهدو هڪ ڊيفينسو اگريمينٽ آهي، مڪه معاهدو سعودي عرب، ترڪيه سان اسان جي ڀائيواري جي نشاني آهي، اڪنامڪ ڊپلوميسي منهنجي ذميواري آهي.

اسلام آباد ۾ مارگله ڊائيلاگ 2026 جي باقاعده  شروعات ڪئي وئي، مختلف ملڪن جي سفيرن  ۽ شخصيتن شرڪت ڪئي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام سان مارگله ڊائيلاگ منعقد ڪئي پئي وڃي.

صدر آئي پي آر آئي ليفٽيننٽ جنرل(ر) ماجد احسان افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مارگله ڊائيلاگ پاليسي ساز ۽ متنوع خيال جو پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي، مارگله ڊائيلاگ عالمي، علاقائي ۽ ملڪي سطح تي پاليسي سازن کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي، غزه، افغانستان، يوڪرين ۽ آفريقه ۾ جاري تڪرار عالمي نظام جي ناڪامي جو ثبوت آهن،  اصل سوال اهو آهي ته جڏهن اهي مسئلا حل ٿيندا ته دنيا ۾ ڪهڙو سسٽم هوندو.

هن سال مارگله ڊائيلاگ جو موضوع(تبديل ٿيندڙ عالمي نظام، اسٽريٽجڪ غير يقيني صورتحال کي  ڪيئن منهن ڏنو وڃي) رکيو ويو آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ صرف ٻطرفه عزت ۽ احترام سان ئي ممڪن آهي.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار مارگله ڊائيلاگ 2026 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڀرندڙ دنيا جي ٽرانزيشن ۾ تمام گهڻي تعاون جي ضرورت آهي، مارگله ڊائيلاگ جو موضوع پاڪستان کي پيش ايندڙ چيلنجز جو احاطو ڪرڻ آهي. پاڪستان جي مفادن جو تحفظ پرڏيهي موثر سفارتڪاري ۽ اندروني طور تي مضبوطي سان ممڪن آهي، اڄ وڏين طاقتن ۾ رنجشون عروج تي آهن، گڏيل قومن جهڙي ادارن کي سياسي ورهاست کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

هن چيو ته  خليج ۽ بحيره احمر ۾ ڇڪتاڻ مان ظاهر آهي ته ڪيئن علاقائي تڪراري نظام کي تباهه ڪري سگهن ٿا، بايو ٽيڪنالاجي سميت جديد ٽيڪناليجز رياستن جي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي تبديل ڪري رهيون آهن. پاليسي ساز جو وقت آڏو رکڻ گهرجي ته هڪ ڊومين ۾ بحران ٻين شعبن تائين پکڙجي سگهي ٿو.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهيون انهي سلسلي جي ڪڙي هئي، ڏکڻ  ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جمون، ڪشمير تڪرار جو حل سيڪيورٽي ڪونسل جي قراردادن موجب هجڻ ضروري آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪندو رهندو. اسان چاهيون ٿا ته افغان زمين ڪنهن ملڪ خاص طور تي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿئي، پاڪستان گڏيل قومن جي منشور موجب تڪرارن جي پرامن حل جي اصول تي قائم آهي.

نائب وزيراعظم چيو ته علاقائي امن سلامتي جي لاءِ جمون ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، پاڪستان پاڻي کي هٿيار بنائڻ جي مخالفت ڪري ٿو، پاڪستان پنهنجي شهرين جو تحفظ ڪندو. پاڪستان يقيني بنائيندو ته افغانستان جي زمين اسان جي خلاف استعمال نه ٿئي، پاڪستان سياسي تڪرارن جي حل لاءِ ڪوشان رهندو. چين سان ڀائيواري اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي، مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه اقتصادي سفارتڪاري بطور پرڏيهي وزير منهنجي ڪم جو حصو آهي، اڀرندڙ نئين عالمي نظام کي ترقي لاءِ گلوبل سائوٿ جي ضرورتن جو خيال رکڻُ پوندو. مستقبل جو عالمي نظام اڄ ملڪن جي فيصلن تي ٻڌل آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%da%aa%d9%87-%d9%85%d8%b9%d8%a7%d9%87%d8%af%d9%88-%da%aa%d9%86%d9%87%d9%86-%d9%85%d9%84%da%aa-%d8%ac%d9%8a-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d9%86%d9%87-%d8%a7%d9%87%d9%88-%d8%b3%d8%b9%d9%88%d8%af%d9%8a/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون