Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

پنجاب جي 2 صوبائي تڪن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

شيئر ڪريو
پنجاب جي 2 صوبائي تڪن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

لاهور: پنجاب جي ٻن تڪن اين اي 77 گوجرانواله ۽ پي پي 203 چيچه وطني ۾ ضمني چونڊن جي لاءِ پولنگ اڄ صبح 9 وڳي شروع ٿي وئي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.

گوجرانواله جي قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ چونڊ مقابلي جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جتي 5 لک 18 هزار 620 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، اليڪشن اختيارين موجب اين اي 77 ۾ گڏيل طور تي 333 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن جن مان 12 کي انتهائي حساس جڏهن ته 34 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

چونڊ عمل جي دوران امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ پوليس جا 2 هزار 982 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رينجرز جا دستا ڪوئيڪ رسپانس فورس جي طور تي موجود رهندا. تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز ۾ 2 لک 77 هزار 480 مرد ۽ 2 لک 41 هزار 140 عورتون شامل آهن. ضمني چونڊن ۾ گڏيل طور تي 11 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن مسلم ليگ(ن) جي ٽڪيٽ تي راشد بشير ورڪ ميدان ۾ آهي جيڪو مرحوم قومي اسيمبلي ميمبر محمود بشير ورڪ جو پٽ آهي.

مرڪزي مسلم ليگ جو قاضي ابراهيم گجر ۽  آزاد اميدوار الفت رسول وڙائچ سميت ٻيا اميدوار به چونڊ عمل جو حصو آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري رکيو آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو اميدوار نامزد ناهي ڪيو. اين اي 77 جي سيٽ مسلم ليگ(ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمود بشير ورڪ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. تڪ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻا ٻئي علائقا شامل آهن، شهري علائقن ۾ شاهين آباد، دهلي، راهوالي ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ جا علائقا جڏهن ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ قلعه ديدار سنگهه، لديهاوله وڙائچ، پپناکها ۽ گوند لانواله شامل آهن.

ٻئي طرف چيچه وطني جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 203 ۾ به ضمني چونڊ جي لاءِ پولنگ ٿيندي اها  سيٽ مسلم ليگ(ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر چوڌري محمد حنيف جٽ جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. جتي انهي جو پٽ چوڌري اسد حنيف جٽ مسلم ليگ(ن) جي چونڊ نشان شينهن تي چونڊون وڙهي رهيو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d9%86%d8%ac%d8%a7%d8%a8-%d8%ac%d9%8a-2-%d8%b5%d9%88%d8%a8%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%aa%da%aa%d9%86-%db%be-%d8%b6%d9%85%d9%86%d9%8a-%da%86%d9%88%d9%86%da%8a%d9%86-%d9%84%d8%a7%d8%a1%d9%90-%d9%be/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون