پاڪستان رياست خلاف هٿيار کڻندڙن سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون: گورنر خيبرپختونخواهه

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سيڪيورٽي جي حوالي سان بريفنگ جي دوران شرڪت ڪندڙن سان خصوصي ڳالهيون ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ امن امان قائم ڪرڻ سڀني کان پهرين ترجيح آهي.
خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ وزيراعليٰ ۽ اعليٰ اختيارين جي موجودگي ۾ ٿيو. خيبرپختونخواهه حڪومت سيڪيورٽي ضورتن جي لاءِ 160 ارب روپين جو مطالبو ڪيو جنهن جي وفاق تائيد ڪئي، وفاق سان سمورن سيڪيورٽي ۽ ترقياتي معاملن تي رابطه ڪاري ۽ فالو اپ اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ڪيا ويا.
هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ جو ارادو ڪريون ٿا. شڪست اسان جي ڊڪشنري ۾ نه آهي. پوليس کي صرف ڪلاشنڪوف ۽ محدود گولين جي سهاري نٿو ڇڏي سگهجي، هر ممڪن سپورٽ فراهم ڪئي ويندي. شهيدن جا پيڪيجز ۽ پگهارن ۾ بهتري سان گڏ پوليس کي جديد هٿيار ۽ ايمونيشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ اڃان تائين هڪ به پوليس لائن نه بنجڻ تي ڳڻتي آهي. سيڪيورٽي فورسز کي اون نه ڪرڻ سڀني کان وڏي ڪوتاهي هئي، هاڻ سيڪيورٽي جي مڪمل پوليٽيڪل اونر شپ ورتي ويندي، صوبي ۾ امن امان جي قيام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ضروري آهن. خيبرپختونخواهه جي پاليسي هاڻ اسلام آباد مان ايندي، جلال آباد، قنڌار يا ڪابل کان نه.
هن جو چوڻ هو ته صوبن جي وچ ۾ بهتر رابطه ڪاري جي تحت پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي بهتر قدمن کي اپنايو ويندو. افغان زمين پاڪستان جي خلاف انڊيا جي سهولتڪاري لا ءِ استعمال ٿي رهي آهي. افغان اختيارين طرفان پشاور تي قبضي جهڙن بيانن ۽ ڊرون جي آمد تي ماضي ۾ خاموشي افسوسناڪ هئي، رياست، آئين ۽ قانون کي نه مڃڻ ۽ هٿيار کڻندڙن سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته هٿيار کڻندڙ عناصر کي انهن جي زبان ۾ جواب ڏنو ويندو، دهشتگردن جي خلاف زيرو ٽالرينس جي پاليسي لاڳو آهي، ترقياتي ڪم، روڊ ۽ پل تڏهن فائديمند آهن جڏهن انسان ۽ عوام جي زندگي محفوظ هجي، عوام جو اعتماد بحال ڪري پوليس ۽ عوام جو رابطو مضبوط بنائي اڌ جنگ کٽي سگهجي ٿي. صوبي جي نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ مصروف ڪرڻ ترجيح آهي، انهي جنگ ۾ شڪست يا واپسي جو ڪوبه آپشن نه آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b1%d9%8a%d8%a7%d8%b3%d8%aa-%d8%ae%d9%84%d8%a7%d9%81-%d9%87%d9%bf%d9%8a%d8%a7%d8%b1-%da%a9%da%bb%d9%86%d8%af%da%99%d9%86-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%da%b3%d8%a7%d9%84%d9%87%d9%8a%d9%88%d9%86-%d9%86%d9%87/






