Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سياسي انتقام وٺڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي ڊيموڪريٽس خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سياسي انتقام وٺڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي ڊيموڪريٽس خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيمو ڪريٽس تي سياسي انٽقام وٺڻ، ري پبلڪن اڳواڻن ۽ انهن جي حامين کي جيل اماڻڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ قانون کي سياسي مخالفن خلاف هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جو الزام لڳائيندي انصاف واري کاتي کي مبينه ڏوهاري قدمن جي فوري جاچ جو حڪم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ڊيمو ڪريٽس ڪيترن ئي ماڻهن کي مواخذي ۽ مختلف سزائن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اٽارني جنرل سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي خلاف مواخذي جون ڌمڪيون به بنا جواز آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ ڊيمو ڪريٽس جي طرز عمل کي اعليٰ سطح جي ڀته خوري قرار ڏيندي چيو ته انهن کي پنهنجي قدمن تي جواب ڏيڻ گهرجي انهي موجب ري پبلڪن ڊونرز کي صرف سياسي وابستگي نشانو بنايو پيو وڃي جڏهن ته ري پبلڪنز ۽ انهي جي حامين کي جيل اماڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

آمريڪي صدر سينيٽر ايلسيا سلائنڪن جو حوالو ڏيندي الزام لڳايو ته اهي ري پبلڪن نظريات رکندڙ نوجوانن کي به نشانو بنائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سزا  انهن ماڻهن کي ملڻ گهرجي جيڪي ٻين کي غيرقانوني ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ٽرمپ وڌيڪ الزام لڳايو ته ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن بي گناهه ماڻهن کي ڌمڪي وارا خط اماڻيا آهن. هن اعلان ڪيو ته انصاف واري کاتي کي ڊيمو ڪريٽس جي مبينه ڏوهاري قدمن جي فوري جاچ جو حڪم ڏئي رهيا آهيون.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%8a-%d8%b5%d8%af%d8%b1-%da%8a%d9%88%d9%86%d9%84%da%8a-%d9%bd%d8%b1%d9%85%d9%be-%d8%b3%d9%8a%d8%a7%d8%b3%d9%8a-%d8%a7%d9%86%d8%aa%d9%82%d8%a7%d9%85-%d9%88%d9%ba%da%bb/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون