سائنس ۽ ٽيڪنالاجي چيٽ کوليو ئي نه، ميسيج به پڙهو، بليو ٽِڪ به نظر نه ايندي، واٽس ايپ جو نئون فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ ۾ جلد اهڙو نئون فيچر اچڻ وارو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار ڪنهن به چيٽ کي کولڻ کانسواءِ تازا پيغام ڏسي/پڙهي سگهندا، جڏهن ته موڪليندڙ کي بليو ٽِڪ به نظر نه ايندي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي نئين بيٽا ورزن ۾ اهو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ هڪ نئين ”ڪانٽيڪسٽوئل مينيو“ تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو واٽس ايپ جي هوم فيڊ ۾ ڪنهن چيٽ کي ڪجهه دير تائين دٻائي رکڻ سان ظاهر ٿيندو.
هن مينيو ۾ روايتي ڪنٽرولز سان گڏ پريويو ڪارڊ وارو آپشن پڻ هوندو، جنهن ذريعي چونڊيل چيٽ جا تازا ميسيج ڏسي سگهبا.
ان کانسواءِ چيٽس کي منظم ڪرڻ لاءِ اَن ريڊ، پن چيٽ، آرڪائيو، چيٽ لاڪ، ڪنهن لسٽ ۾ شامل ڪرڻ، چيٽ جي ڄاڻ ۽ تفيصل ڏسڻ ۽ هوم اسڪرين شارٽ ڪٽ جهڙيون سهولتون به موجود هونديون.
هن فيچر جو اهم فائدو اهو هوندو ته واهپيدار جڏهن چيٽ کولڻ بدران پريويو ذريعي پيغام پڙهندو ته موڪليندڙ وٽ بليو ٽِڪ ظاهر نه ٿيندي. بليو ٽِڪ تڏهن ئي ظاهر ٿيندو، جڏهن واهپيدار باقاعدي چيٽ کوليندو.
واضح رهي ته هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ سامهون آيو آهي، تنهنڪري عام واهپيدارن لاءِ ان جي دستيابي بابت اڃا ڪا حتمي تاريخ سامهون نه آئي آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%da%86%d9%8a%d9%bd-%da%a9%d9%88%d9%84%d9%8a%d9%88-%d8%a6%d9%8a-%d9%86%d9%87%d8%8c-%d9%85%d9%8a%d8%b3%d9%8a%d8%ac-%d8%a8%d9%87-%d9%be%da%99%d9%87%d9%88%d8%8c-%d8%a8%d9%84%d9%8a%d9%88-%d9%bd%d9%90%da%aa/






