Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

پاڪستان ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ ٻيهر وڏو اضافو

شيئر ڪريو
پاڪستان ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ ٻيهر وڏو اضافو

ڪراچي: سموري ملڪ ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي في تولو قيمت 9 هزار 600 روپيه اضافي کان پوءِ 4 لک 35  هزار 636 روپيه ٿي وئي آهي.

24 قيراط جي 10 گرام سون جي قيمت 8 هزار 230 روپيه اضافي سان 3 لک 73 هزار 487  روپيه، جڏهن ته 22 قيراط جي 10 گرام سون جي قيمت 7 هزار 544 روپين مان وڌي 3 لک 42 هزار 375 روپيه ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 96 ڊالر اضافي سان 4 هزار 131 ڊالر فيس اونس رڪارڊ ڪئي وئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%db%be-%d8%b3%d9%88%d9%86-%db%bd-%da%86%d8%a7%d9%86%d8%af%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%82%d9%8a%d9%85%d8%aa%d9%86-%db%be-%d9%bb%d9%8a%d9%87%d8%b1-%d9%88%da%8f/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون