Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
دنيا

آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايوان نمائندگان ۾ 100 کان وڌيڪ ڊيموڪريٽ عورتون چونڊجي ويون

شيئر ڪريو
آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايوان نمائندگان ۾ 100 کان وڌيڪ ڊيموڪريٽ عورتون چونڊجي ويون

واشنگٽن: آمريڪا جي 3 نومبر 2026ع تي ٿيل مڊٽرم چونڊن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي عورتن تاريخ لکي ڇڏي آهي.

پهريون ڀيرو 100 کان وڌيڪ ڊيمو ڪريٽ عورتون ايوان نمائندن جون ميمبر چونڊجي ويون آهن. جنهن کان پوءِ آمريڪي ڪانگريس جي ايوان ۾ عورتن جي نمائندگي هڪ نئين سنگ ميل تائين پهچي وئي آهي.

ڪامياب ٿيل عورتن ۾ نيويارڪ کان اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز، مشي گن کان رشيده طليب ۽ مني سوٽا کان الهينا عمر به شامل آهن. انهن جي ڪاميابي کان پوءِ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي اندر عورت ميمبرن جو تعداد پهريون ڀيرو 100 کان وڌي ويو آهي.

مڊٽرم چونڊن ۾ عورتن گورنر جي عهدن تي به اهم ڪاميابي حاصل ڪيون آهن. جارجيا کان ڪيشا لانس بائمز آمريڪي تاريخ جي پهرين ڪاري نسل جي عورت چونڊجي وئي، جڏهن ته ٽيڪساس کان جينا بينوسا پهرين لاطيني عورت  گورنر بڻجي. اهڙي طرح نيو ميڪسيڪو کان ڊيب بالينڊ پهرين مقابي آمريڪي عورت گورنر چونڊجي وئي آهي.

ڊيمو ڪريٽڪ ويمنز ڪاڪس موجب 2016 کان پوءِ ايوان نمائندگان ۾ ڊيمو ڪريٽڪ عورتن جي نمائندگي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. چونڊ نتيجن کي آمريڪي سياست ۾ عورتن جي وڌندڙ نمائندگي جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a2%d9%85%d8%b1%d9%8a%da%aa%d9%8a-%d8%aa%d8%a7%d8%b1%d9%8a%d8%ae-%db%be-%d9%be%d9%87%d8%b1%d9%8a%d9%88%d9%86-%da%80%d9%8a%d8%b1%d9%88-%d8%a7%d9%8a%d9%88%d8%a7%d9%86-%d9%86%d9%85%d8%a7%d8%a6%d9%86/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون