پاڪستان انٽيليجنس آپريشن جو دائرو وڌائڻ جو حڪومتي فيصلو

اسلام آباد : حڪومت دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس آپريشنز جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي ۽ اندروني سلامتيءَ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مختلف شعبن ۾ هينئر تائين ڪيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ خيبر پختونخوا جي 12 ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ذريعن موجب اي آر ڊي سي جي هينئر تائين ڪارڪردگي پڻ غور هيٺ آئي.وزيراعظم وفاقي، صوبائي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق پاران خيبر پختونخوا لاءِ 160 ارب رپين جي پيڪيج تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%86%d9%bd%d9%8a%d9%84%d9%8a%d8%ac%d9%86%d8%b3-%d8%a2%d9%be%d8%b1%d9%8a%d8%b4%d9%86-%d8%ac%d9%88-%d8%af%d8%a7%d8%a6%d8%b1%d9%88-%d9%88%da%8c%d8%a7%d8%a6%da%bb-%d8%ac%d9%88-%d8%ad%da%aa%d9%88/






