ڪاروبار اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گيس فراهمي ماني پچائڻ جي وقت تائين محدود

اسلام آباد: سوئي ناردرن اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گيس فراهمي ماني پچائڻ جي وقت تائين محدود ڪئي وئي آهي.
ايس اين جي پي ايل ايل اين جي دستيابي ۾ گهٽتائي ۽ سياري جي موسم ۾ طلب وڌڻ سبب اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گهريلو صارفين جي لاءِ گيس جي فراهمي محدود ڪندي اربع کان روزانه صرف 3 مخصوص وقتن ۾ گيس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نئين شيڊول جي تحت صارفين کي صبح 6:30 کان 9 وڳي، ٻنپهرن جو 12 کان 2:30 وڳي ۽ شام 6 کان رات جو 9 وڳي تائين گيس دستياب هوندي. حڪومت محدود ذخيرن کي نظر ۾ رکندي گهريلو صارفين کي ٻين شعبن تي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايس اين جي پي ايل سي اين جي سيڪٽر کي گيس جي فراهمي به 50 ملين مڪعب فٽ روزاني کان گهٽ ڪري 35 ملين مڪعب فٽ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهي کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ جو منصوبو آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d8%b3%d9%84%d8%a7%d9%85-%d8%a2%d8%a8%d8%a7%d8%af%d8%8c-%d9%be%d9%86%d8%ac%d8%a7%d8%a8-%db%bd-%d8%ae%d9%8a%d8%a8%d8%b1%d9%be%d8%ae%d8%aa%d9%88%d9%86%d8%ae%d9%88%d8%a7%d9%87%d9%87-%db%be-%da%af/






