Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

سنڌ ۾ ڪمند جي في مڻ قيمت وڌائڻ جو مطالبو، ڪريشنگ شروع نه ڪرڻ تي اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي

شيئر ڪريو
سنڌ ۾ ڪمند جي في مڻ قيمت وڌائڻ جو مطالبو، ڪريشنگ شروع نه ڪرڻ تي اسلام آباد مارچ جي ڌمڪي

ڪراچي: سنڌ آبادگار اتحاد ۽ هاري اتحاد حڪومت کي ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪرڻ ۽ قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ هارين اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ اربع تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هاري اتحاد جي صدر خالد حسين باٺ ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر مطالبو ڪيو ته ڪمند جي قيمت 650 روپيه في مڻ مقرر ڪئي وڃي ۽ شوگرملز مالڪن کي فوري طور تي ملون هلائڻ جو پابند بنايو وڃي.

هاري اتحاد جي صدر خالد حسين باٺ چيو ته حڪومت طرفان اڃان تائين ڪمند جي قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو نه ئي ڪريشنگ شروع ڪرڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سبب آبادگارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن دعويٰ ڪئي ته درآمدي ڪڻڪ ناقص آهي ۽ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان طرفان ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڀارت ۾ پهرين آڪٽوبر کان هينئر تائين 107 شوگرملز ڪريشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. گذريل چئن سالن ۾ ڊيزل، ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ ٻين خرچن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي  جڏهن ته شوگرملز مالڪ في مڻ ڪڻڪ جي قيمت صرف 400 روپيه مڻ مقرر ڪرڻ جا خواهشمند آهن جيڪا آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي.

هنن چيو ته ڪمند جي ڪٽائي ۾ دير سان ڪڻڪ جي پوکائي به متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪريشنگ سيزن ۾ دير سان ڪمند جي وزن ۾ گهٽتائي ۽ آبادگارن کي نقصان پوڻ جو امڪان آهي.

هوڏانهن سنڌ آبادگار اتحاد ۽ هاري اتحاد طرفان ڪراچي پريس جي ٻاهران ٻن ڏينهن کان گڏيل احتجاجي ڪيمپ قائم ڪيو ويو، جتي هارين جو احتجاج جاري آهي، هاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته آئنده جي لائحه عمل جو اعلان سڀاڻي شام ڪيو ويندو جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدي علائقي ۾ وڏا جلسا ۽ مطالبا پورا نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسلام آباد مارچ جي حوالي سان فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%db%be-%da%aa%d9%85%d9%86%d8%af-%d8%ac%d9%8a-%d9%81%d9%8a-%d9%85%da%bb-%d9%82%d9%8a%d9%85%d8%aa-%d9%88%da%8c%d8%a7%d8%a6%da%bb-%d8%ac%d9%88-%d9%85%d8%b7%d8%a7%d9%84%d8%a8%d9%88/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون