شوبز عرفي جاويد چوڙين سان تيار ڪيل وزني لباس پائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

لاهور: غير روايتي لباس پائي ماڻهن کي حيران ڪندڙ عرفي جاويد هن ڀيري اهڙو لباس پيش ڪيو آهي جنهن کي ڏسي فيشن جا شوقين ماڻهو به حيران رهجي ويا آهن.
سوشل ميڊيا اسٽار عرفي جاويد جو اهو منفرد لباس تقريبن 13 هزار چوڙين سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو وزن 20 ڪلو گرام ٻڌايو پيو وڃي.
ايترو ڳرو لباس پائڻ ۽ انهي کي سنڀالڻ يقينن آسان ڪم نه آهي، پر عرفي جاويد پنهنجي منفرد انداز سان هڪ دفعو ٻيهر ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.
ياد رهي ته عرفي جاويد انهي کان اڳ به شيشي جي ٽڪڙن، تارن ۽ ٻين شين سان تيار ڪيل لباس پائي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي چڪي آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b9%d8%b1%d9%81%d9%8a-%d8%ac%d8%a7%d9%88%d9%8a%d8%af-%da%86%d9%88%da%99%d9%8a%d9%86-%d8%b3%d8%a7%d9%86-%d8%aa%d9%8a%d8%a7%d8%b1-%da%aa%d9%8a%d9%84-%d9%88%d8%b2%d9%86%d9%8a-%d9%84%d8%a8%d8%a7%d8%b3/






