Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
شوبز

لوڪ گلوڪارھ ريشمان کي مداحن کان وڇڙي 13 ورهيه گذري ويا

شيئر ڪريو
لوڪ گلوڪارھ ريشمان کي مداحن کان وڇڙي 13 ورهيه گذري ويا

ڪراچي: سحر انگيز آواز جي مالڪ ۽ بلبل صحرا جي لقب سان مشهور لوڪ گلوڪارھ ريشمان جي اڄ 13هين ورسي ملهائي پئي وڃي. صحرا مان اڀريل هن آواز سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. ريشيما پنهنجي منفرد لوڪ گائڪيءَ سان ٽي وي ۽ فلمي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي.”گلِ صحرائي“ ۽ ”لمبي جدائي“ جهڙن مشهور گيتن سان سڃاڻپ ماڻيندڙ ريشمان 1947ع ۾ راجسٿان ۾ پيدا ٿي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي ڪراچي اچي آباد ٿيو. خانه بدوش خاندان سان تعلق رکندڙ ريشمان ننڍي عمر ۾ ئي صوفيانه ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو. ريشيما ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي ڪا به باقاعده تربيت حاصل نه ڪئي هئي. ريڊيو جي پروڊيوسر سليم گيلانيءَ کيس لعل شهباز قلندر جي مزار تي ننڍڙي عمر ۾ ڳائيندي ٻڌو. 12 سالن جي ڄمار ۾ کيس ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ جو موقعو مليو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي قيام کانپوءِ ريشمان ٽي وي لاءِ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پاڪستاني فلمن لاءِ ڪيترائي گيت ڳايا ۽ وڏي شهرت ماڻي. سندس مقبوليت سرحد پار به پهتي ۽ بالي ووڊ ۾ پڻ سندس سحر انگيز آواز گونجڻ لڳو. ريشيما کي ستاره امتياز ۽ ليجنڊز آف پاڪستان جي اعزازن سان پڻ نوازيو ويو. هيءَ لوڪ ڳائڻي 3 نومبر 2013ع تي ڳلي جي ڪينسر سبب لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%84%d9%88%da%aa-%da%af%d9%84%d9%88%da%aa%d8%a7%d8%b1%da%be-%d8%b1%d9%8a%d8%b4%d9%85%d8%a7%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%85%d8%af%d8%a7%d8%ad%d9%86-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%88%da%87%da%99%d9%8a-13-%d9%88/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون