Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ واڌ

شيئر ڪريو
سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ سمورن صوبن کان وڌيڪ واڌ

ڪراچي : وفاقي ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب، گذريل ٻن سالن دوران سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ ٻين سمورن صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.دستاويز موجب سنڌ جي پرڏيهي قرضن ۾ هڪ ارب 83 ڪروڙ 90 لک ڊالرن جي واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ جون 2026ع تائين سنڌ جو پرڏيهي قرض وڌي 5 ارب 61 ڪروڙ 60 لک ڊالر ٿي ويو، جيڪو جون 2024ع ۾ 3 ارب 77 ڪروڙ 70 لک ڊالر هو.پنجاب جي قرضن ۾ ٻن سالن دوران 37 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ جون 2026ع تائين صوبي جو قرض وڌي 6 ارب 40 ڪروڙ 20 لک ڊالر ٿي ويو، جيڪو جون 2024ع ۾ 6 ارب 2 ڪروڙ 60 لک ڊالر هو.دستاويز موجب خيبرپختونخوا جي قرضن ۾ ٻن سالن دوران 59 ڪروڙ 50 لک ڊالر، جڏهن ته بلوچستان جي قرضن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%86%da%8c-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%da%8f%d9%8a%d9%87%d9%8a-%d9%82%d8%b1%d8%b6%d9%86-%db%be-%d8%b3%d9%85%d9%88%d8%b1%d9%86-%d8%b5%d9%88%d8%a8%d9%86-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%88%da%8c%d9%8a%da%aa/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون