Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
پاڪستان

معاشي استحڪام کان پوءِ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي: ناڻي وارو وزير

شيئر ڪريو
معاشي استحڪام کان پوءِ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد:  وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام کان پوءِ ملڪ ۾ پائيدار ترقي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي پر انهي حدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ برآمدات ۾ اضافو، نجي سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ مالياتي نظم، وضبط ضروري آهن.

پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي تقريب سان ورچوئل خطاب ڪندي وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته بينڪن کي نجي شعبي لاءِ قرضن جي فراهمي آسان بنائڻي پوندي ڇو ته ننڍي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهن.

محمد اورنگزيب ٻڌايو ته پاڪستان مرڪزي بينڪ جي ذخيرن ذريعي سرحد پار ادائيگين جا امڪان جڏهن ته بينڪ فار انٽرنيشنل سيٽلمنٽس(بي آئي ايس) جو منصوبو بينڪ ڊپازٽس جو جائزو وٺي رهيو آهي.

وفاقي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته برآمدات وڌائڻ کان سواءِ معاشي خود ڪفالت جو حدف حاصل نٿو ڪري سگهجي، مالياتي نظم، وضبط، برآمدات ۾ اضافي ۽ نجي سرمائيڪاري کي  يقيني بنائڻ ضروري آهي. هن بينڪن تي زور ڏنو ته اهي نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ آساني پيدا ڪن ته جيئن ننڍي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي ترقي جا موقعا ملي سگهن.

محمد اورنگزيب چيو ته ورچوئل اثاثه جات ايڪٽ جي تحت پاڪستان ۾ قانوني فريم ورڪ قائم ڪيو ويو آهي. ڊيجيٽل اثاثن کي مالياتي نظام ۾ جڳهه حقيقي معاشي فائدن ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي بنياد تي ملڻ گهرجي. وفاقي ناڻي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته پيوارا ورچوئل اثاثه خدمتون فراهم ڪندڙن جي لائسنسنگ جا ذميوار آهن.

ٻئي طرف پاڪستان جي سلطان علي شنگهائي تعاون تنظيم جي انٽربينڪ ڪنسورشيم جي 2027-2026 لاءِ چيئرمين شپ جو عهدو سنڀالي ورتو. ناڻي واري وزارت جي ترجمان علاقائي ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جو تعاون جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار ڪندي چيو ته ايس سي او جي سربراهي ۽ انٽربينڪ ڪنسورشيم جي قيادت سنڀالڻ اهم اڳڀرائي آهي.

پاڪستان جو علاقائي واپار، سرمائيڪاري ۽ مالياتي رابطن  کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار  مستحڪم ٿيندو، پاڪستان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري مضبوط بنائڻ لاءِ پرعزم آهي. علاقائي اقتصادي انضمام جو فروغ پاڪستان جي ترجيحات ۾ شامل آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%85%d8%b9%d8%a7%d8%b4%d9%8a-%d8%a7%d8%b3%d8%aa%d8%ad%da%aa%d8%a7%d9%85-%da%a9%d8%a7%d9%86-%d9%be%d9%88%d8%a1%d9%90-%d9%85%d9%84%da%aa-%db%be-%d9%be%d8%a7%d8%a6%d9%8a%d8%af%d8%a7%d8%b1-%d8%aa%d8%b1/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون