دنيا نيتن ياهو جي دٻاءُ تي ٽرمپ ايران تي ايٽمي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي صحافي جي دعويٰ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ٽڪر ڪارلسن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي دٻاءُ تي ايران تي ايٽمي حملو ڪري سگهي ٿو.
سماجي رابطي جي سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽڪر ڪارلسن چيو ته اسرائيلي چونڊ جي نتيجن تي پريشان نيتن ياهو کي پريشانين کان بچڻ جي لاءِ ٻيهر ٽرمپ ۽ جنگ جي ضرورت آهي، اسرائيلي وزيراعظم ايران تي حملي جي لاءِ ٽرمپ انتظاميه ۾ پنهنجي ويجهن ساٿين تي هر ممڪن دٻاءُ وجهي رهيو آهي.
ٽڪر ڪارلسن موجب ايران ۾ جبل جي اندر موجود سرنگن تائين پهچڻ لاءِ آمريڪي روايتي هٿيار موثر نه آهن، انهي لاءِ ايٽمي حملي جو آپشن غور هيٺ اچي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي دٻاءُ تي ٽرمپ انتظاميه ايران تي ايٽمي حملو ڪري سگهي ٿو.
ٽڪر ڪارلسن جي دعويٰ آهي ته آمريڪي دفاع وارو وزير پيٽ هيگسٿ ۽ سينٽ ڪام جو سربراهه بريڊ ڪوپر به ايران تي ٻيهر حملن جا حامي آهن. پر صدر ٽرمپ ايٽمي هٿيارن جي استعمال واري معاملي ۾ اڃان تائين ٻڏتر جو شڪار آهي. ڪارلسن موجب صدر ٽرمپ 7 نومبر تائين انهي حوالي سان فيصلو ڪري سگهي ٿو.
هن خبردار ڪيو ته امڪاني ايٽمي حملي سان خليج فارس ۾ تابڪاري پکڙجي سگهي ٿي، پاڻي جا ذخيرا متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ عالمي سطح تي ايٽمي جنگ جا خطرا وڌي سگهن ٿا.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسان ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر پڪاڪس مائونٽين سميت هاڻ صرف هڪ يا ٻه هنڌ رهيل آهن جن کي منهن ڏيڻ 10 منٽن جو ڪم آهي.
https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d9%86%d9%8a%d8%aa%d9%86-%d9%8a%d8%a7%d9%87%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%d8%af%d9%bb%d8%a7%d8%a1%d9%8f-%d8%aa%d9%8a-%d9%bd%d8%b1%d9%85%d9%be-%d8%a7%d9%8a%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d8%aa%d9%8a-%d8%a7%d9%8a%d9%bd%d9%85/






