Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
سنڌ

سموري ملڪ ۾ ايڊز سبب متاثر ٻارن جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو، 3900 مريضن سان سنڌ پهرين نمبر تي

شيئر ڪريو
سموري ملڪ ۾ ايڊز سبب متاثر ٻارن جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو، 3900 مريضن سان سنڌ پهرين نمبر تي

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ٻآرن ۾ ايڊز ڪيسز جي تعداد ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو جو انڪشاف ٿيو آهي. قومي صحت واري وزارت ايڊز سبب متاثر ٻارن جا انگ اکر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ 3 هزار 900 ٻار ايڊز سبب متاثر آهن، پنجاب ۾ 1 هزار 765، خيبرپختونخواهه ۾ 139، بلوچستان ۾ 46، اسلام آباد ۾ 30، آزاد ڪشمير 4 ۽ گلگت بلتستان ۾ ايڊز جو هڪ مريض ٻار آهي.

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ڊاڪٽر شرميلا فاروق جي سوال تي وفاقي وزير صحت سيد مصطفيٰ ڪمال ٻڌايو ته ايڇ آئي وي جي وڌيڪ منتقلي کي روڪڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن  طرفان قدم کنيا ويا آهن.

سيپٽمبر 2026 جي جائزه رپورٽ موجب ايڇ آئي وي جي مريضن جو تعداد 3 لک 17 هزار 214 آهي جنهن مان 92 هزار 148 رجسٽرڊ آهن جڏهن ته 67 هزار 878 اينٽي ريٽرو وائرل ٿراپي(اي آر ٽي) تي آهن. جڏهن ته 2010 جي مقابلي ۾ 2024 ۾ ايڇ آئي وي جي سالياني ڪيسز جو تعداد 16 هزار مان وڌي 48 هزار تائين پهچي ويو آهي. 2020 جي مقابلي ۾ 2025ع ۾ اسڪريننگ ۾ نمايان اضافو ٿيو، اسڪريننگ جو تعداد 37 هزار 944 مان وڌي 3 لک 74 هزار تائين پهچي ويو

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%b3%d9%85%d9%88%d8%b1%d9%8a-%d9%85%d9%84%da%aa-%db%be-%d8%a7%d9%8a%da%8a%d8%b2-%d8%b3%d8%a8%d8%a8-%d9%85%d8%aa%d8%a7%d8%ab%d8%b1-%d9%bb%d8%a7%d8%b1%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%a7%d9%86%da%af-%db%be/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون