Skip to content
Friday, 27 November 2026 ٽرينڊنگ ڪراچي شوبز صحت ڪرڪيٽ
اهم خبر
ڪاروبار

ايل پي جي في ڪلو 14 روپيه 73 پئسا مهانگي، گهريلو سلنڊر جي قيمت 3 هزار 470 روپيه مقرر

شيئر ڪريو
ايل پي جي في ڪلو 14 روپيه 73 پئسا مهانگي، گهريلو سلنڊر جي قيمت 3 هزار 470 روپيه مقرر

اسلام آباد:  سموري ملڪ ۾ ايل پي جي في ڪلو قيمت 14 روپيه 73 پئسا وڌائي وئي، آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نيون قيمتون پهرين نومبر کان لاڳو ڪيون وينديون.

وفاقي حڪومت گذريل رات ڊيزل به مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت برقرار رکي وئي آهي. ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيه 9 پئسن جوا ضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 402 روپيه 96 پئئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي.

اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلنڊر جي قيمت ۾ 173 روپيه 86 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ سلينڊر جي نئين قيمت 3 هزار 470 روپيه 9 پئسا مقرر ٿي وئي آهي. آڪٽوبر ۾ گهريلو سلنڊر جي قيمت 3 هزار 296 روپيه 23 پئسا هئي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي في ٽن پروڊيوسر قيمت ۾ 14 هزار 733 روپيه 98 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ نومبر جي لاءِ پروڊيوسر قيمت 2 لک 52 هزار 775 روپيه 47 پئسا في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صارف قيمت 2 لک 94 هزار 75 روپيه 47 پئسا في ٽن ٿي وئي آهي.

اوگرا موجب گذريل مهيني جي مقابلي ۾ سعودي آرامڪو ڪانٽريڪٽ پرائس ۾ 6.47 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ڊالر جي مٽاسٽا ۾ 0.12 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ايل پي جي صارف قيمت ۾ گڏيل طور تي 5.27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

شيئر ڪريو

https://sindhi.voiceofsindh.com.pk/%d8%a7%d9%8a%d9%84-%d9%be%d9%8a-%d8%ac%d9%8a-%d9%81%d9%8a-%da%aa%d9%84%d9%88-14-%d8%b1%d9%88%d9%be%d9%8a%d9%87-73-%d9%be%d8%a6%d8%b3%d8%a7-%d9%85%d9%87%d8%a7%d9%86%da%af%d9%8a%d8%8c-%da%af%d9%87%d8%b1/

ويب ڊيسڪ
ليکڪ بابت

ويب ڊيسڪ

232 خبرون